اسلام آبادپاڪستان

مشهور دانشور ۽ مڃيل صحافي ڊاڪٽر مهدي حسن لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد:مشهور دانشور، کاٻي ڌر جي ايوارڊ يافتا مڃيل صحافي ۽ ايڇ آر ايس پي جي اڳوڻي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر مهدي حسن 85 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو صحافت جي شعبي جو پروفيسر ۽ سينيئر صحافي رهيو هو. هن بي بي سي، رائٽرز، ڊوئچي ويلي سميت مختلف ميڊيا هائوسز سان ڪم ڪيو. هن ڪيترائي ليڪچر پڻ ڏنا. هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڊاڪٽر مهدي حسن هڪ خوش اخلاق، سادا مزاج ۽ مخلص انسان هو. بلاول سندس لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ سندس چوڻ هو ته ڊاڪٽر مهدي حسن جهڙي ممتاز استاد ڪالم نويس ۽ وڏي شخصيت جو انتقال ملڪ ۽ قوم لاءِ وڏو نقصان آهي. هن چيو ته مرحوم ڊاڪٽر مهدي حسن پنجاب يونيورسٽي ۽ ايڇ آر سي پي جهڙي ملڪ جي اهم ادارن سان به سلهاڙيل رهيو. هن چيو ته مرحوم هميشه حڪومتي ۽ معاشرتي سطح تي سڌارن لاءِ فڪرمندي جو مظاهرو ڪيو، ان جي جڳهه ٻيو ڪوئي نٿو وٺي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button