پاڪستانسنڌ

کڏهرو موري ۾ قبضي ۽ عورتن تي تشدد خلاف ٽنڊوباگو ۽ تلهار ۾ ڌرڻا

ٽنڊوباگو/تلهار: کڏهرو موري ۾ پلاٽ ۽ زمين تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش خلاف ٽنڊوباگو ۽ تلهار ۾ ڳوٺاڻن جا هنيل ڌرڻا ڳالهين کانپوءِ ختم ٿي ويا، خبر موجب ٽنڊوباگو لڳ کڏهرو موري ۾ نارو ڪولهي، نيڻو ڪولهي، حنا ڪولھي ۽ رينو ڪولھي جي اڳواڻي ۾ ٽئين ڏينهن به عورتن ۽ مردن ٽنڊوباگو-غلام شاهه روڊ تي ڌرڻو جاري رکيو. جڏهن ته ڊي ايس پي محبوب حسين لنڊ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر تلھار ڌرڻي واري هنڌ تي پهچي ڪولهي اتحاد جي اڳواڻن لالچند ڪولهي، ڊاڪٽر پنهون ڪولھي ۽ پهلاج ڪولهي سان ڳالهيون ڪري اڄ جمعي ڏينهن تڪراري زمين جي ماپ ڪرائڻ ۽ ڪولهي ذات جي عورتن تي تشدد ڪندڙ ماڻهن تي ايف آئي آر داخل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائڻ کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪرايو ويو.

هوڏانهن پاڪستان ڪولھي اتحاد جي اڳواڻي ۾ تلهار ۾ مين حيدرآباد روڊ ميرواھه موري وٽ پڻ ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري سخت احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي اڳواڻ اعجاز احمداڻي، پاڪستان ڪولھي اتحاد جي وائيس چيئرمين پھلاج ڪولھي، پي ٽي آئي اڳواڻ نواب ابوبڪر ٽالپر، مبارڪ خاصخيلي، رازو مڪواڻو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ڌرڻن کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي دور حڪومت ۾ سنڌ ۾ اٻوجھه ماڻھن سان جاري ناانصافيون ۽ غريب عوام سان زيادتين جو سلسلو اڃا تائين رڪجي ناھي سگھيو، جنھن جو مثال کڏھرو موري ۾ غريب ڪولھي برادري جي ماڻھن مٿان سرعام لٺيون وسائي ظلم جي وڏي انتھا ڪئي وئي آھي، ھنن کڏھرو موري ۾ ڪولھي برادري جي ماڻھن مٿان ٿيندڙ تشدد خلاف ايس ايس پي بدين کان فوري نوٽس وٺي قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button