اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم جي دوري نوازليگ،پ پ ۽ ميڊيا مان رت ڪڍي ڇڏيو:فواد چوڌري

اسلام آباد :وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته (ن) ليگ، پيپلزپارٽي ۽ ڪجهه ميڊيا وارا وزيراعظم جي روس جي دوري کان ائين ڊنل آهن جو ڪنهن انهن جي جسم مان رت ڪڍي ڇڏيو هجي. ڪالهه پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مسئلو رڳو ايترو آهي ته ڀائرن جو ايترو پئسو اولهه ۾ آهي ته ساهه رڪيل آهي. فڪر نه ڪريو، پاڪستان جو مفاد تحريڪ انصاف جي سپريم پاليسي آهي ۽ رهندو. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان جي روس جي دوري بابت قياس آرائيون غلط آهن. وزيراعظم شيڊيول موجب پاڪستان واپس ايندو. جڏهن ته نور مقدم ڪيس جي فيصلي جي تعريف ڪندي چيو آهي ته هي آهي اهو انصاف جنهن جي اميد پاڪستاني عوام ڪندو آهي. وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نور مقدم ڪيس ۾ پوليس ۽ پراسيڪيوشن ذميواري پوري ڪئي. عدالت 4 مهينن کان فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. اميد آهي ته انصاف سان جڙيل ادارا عوام جي اميدن تي پورا لهندا ۽ رول آف لا لاڳو ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button