پاڪستانسنڌ

ملڪاڻي شريف ۾ نين تڪبندين خلاف رهواسين جو احتجاجي مظاهرو

ملڪاڻي شريف: ملڪاڻي شريف ۾ نين تڪبندين خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو، يوسي ملڪاڻي شريف ۽ يوسي سمن سرڪار جون ديهون واگڊائي، ديهه ٻنگار ملائڻ، ديھه چوبندي ۽ ديھه ڦل الڳ ڪرڻ خلاف رهواسين امتياز علي ملڪاڻي، عبدالعزز ملڪاڻي، مظفر ملڪاڻي، ٻيجل ميگهواڙ، حاجي عبدالغني احتجاج ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان ڪيل نين تڪبندين ۾ اسان جي يونين ڪائونسل ملڪاڻي شريف کي ٽوڙي يوسي جي عوام کي تمام وڏي تڪليف ۾ مبتلا ڪيو ويو آھي، ان ڪري اسان اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اسان جي يونين ڪائونسل کي ساڳي حالت ۾ بحال ڪري عوام جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button