پاڪستانسنڌ

استاد نه هجڻ جو بهانو، عمارتون ۽ شاگرد هجڻ باوجود گڏاپ جا 22 اسڪول بند

ملير: تعليم کاتي جي لاپرواهي، گڏاپ جا 22 اسڪول بند ٿي ويا، بلڊنگون ۽ شاگرد هجڻ جي باوجود تعلي کاتي اسڪولن کي تالا هڻي رپورٽ صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري ڏانهن اماڻي ڇڏي، علائقي جي سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران ڳڻتي جو اظهار، خبر موجب تعليم کاتي جي لاپرواهي سبب گڏاپ جي 22 اسڪولن تي تالو لڳي ويو آهي، استاد نه هجڻ جو بهانو بڻائي عمارتون ۽ شاگرد هجڻ جي باوجود 22 اسڪولن کي تالو هڻي تعلقي ايجوڪيشن آفيسر رپورٽ صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي، گڏاپ جي اطهر خان بڪڪ، عبدالله ڪانهڙو، تراري ڳوٺ، مينهل ڇٽو ڳوٺ، الله وسايو ڇٽو، غلام قادر ڳوٺ، محمد بخش باريجو، جيو بنديجو، دودو بڪڪ، علي بڪڪ موئيدان، شڪو بروهي، حاجي شير محمد بنديجو، راهو گهرام، نواز علي گوندر، صوفن جوکيو، ڪريم بخش، مولوي عبدالقادر، گل محمد ڳوٺ، عرس گبول، ولي محمد باغ جي اسڪولن کي مڪمل تالا هنيا ويا آهن، ڳوٺاڻن پاران ڪيترن ئي سالن کان اسڪولن کي کولڻ لاءِ درخواستون ڏنيون ويون احتجاج ڪيا ويا ان جي باوجود به اسڪولن جي بحالي کي يقيني نه بڻايو ويو، تعلقي ايجوڪيشن آفيسر محمد حسن مهر جو چوڻ آهي ته استادن جي کوٽ سبب اسڪولن کي وڏي عرصي کان تالا لڳل آهن، نيون ڀرتيون يونين ڪائونسل سطح تي ڪيون ويون آهن جنهن جو فائدو به گڏاپ کي نه ٿيندو، گڏاپ پٺتي پيل علائقو آهي جتي تعليم جي بحالي لاءِ ڪوششون جاري آهن.

اسان ڪيترائي ڀيرا لکت ۾ درخواستون ڏنيون آهن پر هن وقت تائين استادن جي کوٽ پوري نه ٿي سگهي آهي، اسڪولن جي بندش بابت ن ليگ اڳواڻ قادر بخش ڪلمتي چيو آهي ته وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته گڏاپ ۾ تعليم جو ڪو نظام ئي ناهي رهيو، تعليم کاتي جا آفيسر ڪوڙ هڻي رهيا آهن هتي 22 نه پر هڪ سئو کان وڌيڪ اسڪولن کي تالا آهن ۽ 2 سئو کان وڌيڪ اسڪول فرنيچر، بجلي، پاڻي ۽ اسٽاف جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، وڏي سازش تحت گڏاپ جي ماڻهن کي تعليم کان پري رکيو ويو آهي، اسان اسڪولن جي بحالي لاءِ جلد تمام وڏي جدوجهد هلائي رهيا آهيون، سماجي اڳواڻن امير بخش گوندر ۽ شاهد گبول چيو ته گڏاپ جي ماڻهن کي هٿ وٺي هن جديد دور ۾ پوئتي ڌڪيو ويو آهي، اسان پاڻ تعليم کاتي کي درخواستون ڏنيون آهن ته اسان جي ڳوٺن جي اسڪولن کي بهتر ڪيو وڃي پر تعليم کاتي جا ڪامورا هڪ دورو ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن تعليم جي تباهي جا ذميوار سنڌ حڪومت ۽ ڪامورا آهن استادن جي کوٽ جو بهانو هڪ ڊرامو آهي اصل ۾ گڏاپ جي ماڻهن کي هٿ وٺي تعليم کان محروم رکيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button