اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم ۽ روسي صدر ۾ 3 ڪلاڪ ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

ماسڪو: وزيراعظم عمران خان ماسڪو ۾ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، گيس پائپ لائن، افغان صورتحال ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان ۽ روس جي صدر پيوٽن ۾ ملاقات 3 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي، ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات جو وقت هڪ ڪلاڪ کان وڌائي 3 ڪلاڪ ڪيو ويو هو، ملاقات ۾ عمران خان جي مان ۾ روسي صدر ورڪنگ لنچ ڏنو، ڳالهين ۾ ڪيترائي ايم او يوز، اسلاموفوبيا ۽ ويزا اشوز بحث هيٺ آيا. وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم عمران خان ڏکڻ ايشيا جي معاملي تي والاريل ڪشمير جي صورتحال کي اجاگر ڪيو، وزيراعظم والاريل ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل تي زور ڀريو. وزيراعظم عمران خان روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ تازي صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪيو ،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button