اسلام آباد :پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي انڪشاف ڪيو آهي ته روس جي دوري کان اڳ آمريڪا اعليٰ سطح جو رابطو ڪري پاڪستان کان معصوماڻو سوال ڪيو ته اسان مناسب جواب ڏنو. پاڪستان جو موقف جيئن جو تيئن رهيو ۽ ڪوئي دٻاءُ قبول ناهي ڪيو. ويجهي مستقبل ۾ پاڪ روس گڏيل مقصدن کي عالمي فورمز تي اجاگر ڪيو ويندو. ڏکڻ ايشيا ۾ عدم توازن تي پاڪستان جي ڳڻتي تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم يوڪرائين جي صورتحال جو به ذڪر ڪيو، افغانستان بابت روس پاڪستان جي گڏيل راءِ آهي. ازبڪستان تائين ايندڙ روس جي گئس پائيپ لائين کي افغانستان رستي پاڪستان تائين وڌايو وڃي. روس دوري تي وڃڻ جو فيصلو ٺيڪ هو. بي اعتمادي رٿ لاءِ اپوزيشن شوق سان ملاقاتون ڪري ڪوئي فرق نه پوندو. اڄ آچر تي گهوٽڪي پهچي رهيو آهيان، بلاول ۽ شهباز به تيار ٿي وڃن. لاڙڪاڻي ۾ هر سوال جو جواب ملندو. صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته جڏهن اسان ماسڪو پهتاسين ته اسان ڏٺو ته پاڪستان ۾ تبصرا شروع ٿي ويا ته دوري جو وقت غلط هو. ڀارتي ميڊيا ته ايتري قدر خبرون هلايون ته دورو ملتوي ٿي ويو ۽ وزيراعظم عمران خان واپس وري رهيو آهي. هن چيو ته هي رڳو قياس آرايون هيون ان ۾ ڪائي حقيقت نه هئي. دوري سان اسان جا جيڪي مقصد هئا، اهي اسان پورا ڪيا. شاهه محمود ٻڌايو ته دوري تي وڃڻ کان اڳ اسان وزيراعظم هائوس ۾ هڪ ويهڪ ڪئي جنهن ۾ ان صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ان دوري ۾ اڳوڻن سفارتڪارن کي دعوت ڏني وئي، 7 دوري جي حوالي سان انهن سان باقاعدي مشاورت ڪئي ۽ پوءِ دوري تي وڃڻ جو حتمي فيصلو ڪيو. پرڏيهي وزير ٻڌايو ته وزيراعظم روسي صدر سان ملاقات ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي به کيس اعتماد ۾ ورتو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close