پاڪستانسنڌ

بدين ۾ چوري خلاف پوليس اهلڪار جو احتجاج، پاڻ ساڙڻ جو چتا

بدين: بدين ۾ ڳوٺ عرس ملاح جي رهواسي پوليس اهلڪار سومار ملاح، سندس زال ۽ پٽ بدين پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو آهي ته آئون بيماري سبب ڪجھه مهينا اڳ ڄامشوري اسپتال داخل هيس، منهنجي غير موجودگي ۾ جوابدار مشتاق علي ملاح ۽ سندس ساٿين منهنجي گهر مان لکين رپين جي چوري ڪئي آهي، جنهن ۾ سونا زيور، روڪ رقم، سولر پليٽون، بيٽريون ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪيو ويو آهي، جن خلاف ٿاڻي تي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري. هن ايس ايس پي کان گهر ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري منهنجو چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ آئون پاڻ کي باھه ڏيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button