پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر منصور ٿلھي جي ٻن ڪتابن جو مهورت

حيدرآباد: سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي گڏجاڻي آمريڪا مان آيل اسڪالر ۽ اديب ڊاڪٽر منصور ٿلھي جي صدارت ۾ ٿي گذري. ان موقعي تي سندس ٻن ڪتابن “نائو ۽ ناکئا” ۽ “سنڌو ماٿريءَ جون لکت واريون نشانيون” جو مھورت پڻ ڪيو ويو. ڪتابن بابت جبار تاثير سومري، عبدالرزاق عمراڻي، تاج جويي، مولابچش محبتي، گلشير ڪوريجي چيو ته منصور ٿلھي سنڌ جي لاڙ پٽيءَ ۽ سامونڊي علائقي جي ٻولي ۽ ماحول تي ٻه ناول ۽ 3 ڪتاب لکيا آهن. جڏھن ته ھن سنڌي ٻولي ۽ سنڌو لکت جي نشانين سان ھڪجھڙائي رکندڙ ٻولين اسپاڃول، سربين، يوڪرين، سرائيڪي وغيره بابت تحقيق ڪري 3 ڪتاب لکيا آهن.

ان ريت ھن پاڻ کي ٻولي ۽ لسانيات جو ماهر ثابت ڪيو آهي. گڏجاڻي ۾ شاڪر عزيز سيتائي، سليم چنا، جبار تاثير غزل، عبدالرزاق عمراڻي، نثري نظم ۽ واحد ڪانڌڙي وائي جا اسم تنقيد لا پيش ڪيا. جن تي شاد نمائي، سليمان ڏاھري، طالب ڀنڀري، مڪيش بارٿاڻي، دريا خان پيرزادي، صلاح الدين پنھور ۽ ٻين تنقيد ڪئي. ڊاڪٽر منصور ٿلھي سنڌي ادبي سنگت جا ٿورا مڃيندي چيو ته مون سنڌ ۽ پرڏيھ ۾ ويھي پنھنجي ٻولي جي قدامت ۽ ٻين ٻولين سان ھڪجھڙائي بابت ڪم ڪري ما ٻولي جو فرض پورو ڪيو آهي. آخر ۾ بلوچ قومپرست اڳواڻ عبدالحئي بلوچ جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button