ماتلي: ماتلي لڳ ڳوٺ علودو لغاري ۾ 40 ورهين جي عورت شريمتي صاحبان ڪولهي غربت ۽ بيماري کان تنگ اچي گهر جي ڪمري اندر مبينا طور تي رئو ڳچي ۾ وجهي پاڻ کي ڇت جي گارڊر ۾ لٽڪائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو آهي، اطلاع تي ماتلي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي عورت جي لاش کي کڻائي ضروري ڪارروائي لا تعلقه اسپتال منتقل ڪيو.
ٻڌايو پيو وڃي ته عورت جو مڙس هيمون ڪولهي مزدوري ڪندو هو ۽ سندس گهرواري ستن ٻارن جي ما هئي گهڻي وقت کان بيماري ۾ پڻ مبتلا هئي، غربت ۽ بيماري کان تنگ اچي هن خودڪشي ڪئي آهي. پوليس موجب ته خودڪشي واري معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.