پاڪستانسنڌ

زرداري کي جيل ۾ وجهي لٽيل رقم واپس ڪرائڻ جو سوچيون پيا: علي زيدي

ڀان سيدآباد: وفاقي وزير ۽ پي ٽي آ سنڌ جي صدر علي زيدي ڳوٺ حسن شاهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدم اعتماد واري تحريڪ ساڍن ٽن سالن کان اپوزيشن آڻڻ چاهي ٿي، پر اهي وزيراعظم کي هٽائي نه ٿا سگهن، شاهه محمود قريشي مون کي سنڌ اچڻ جي دعوت ڏني، شاهه محمود قريشي پي ٽي آ مارچ جي اڳواڻي ڪندو. وفاقي وزير علي زيدي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي ڪوبه اختلاف ناهي، 18هين ترميم بعد آرٽيڪل 172 ۾ لکيل آهي ته جيڪي ٻيٽ دعويٰ ڪيل ناهن، اهي شهيد ڀٽي پورٽ قاسم کي ڏنا هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير علي زيدي چيو ته آصف زرداري کي جيل ۾ وجهي لٽيل رقم واپس ڪرائي سنڌ جي عوام تي خرچ ڪرڻ جو سوچيون پيا، ڪالاباغ تي ڪابينا ۾ ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، ڊيم ڪو پولٽري فارم ناهي، جو رات ۾ ٺهي وڃي، بلاول ڀٽو ڪير آهي ان کي نٿو سڃاڻان، بلاول زرداري آهي، ڪنهن بلوچ اقتدار لا نالو ناهي بدلايو، بلاول هيلي ڪاپٽر تي نوابشاهه، لياري ۽ ام رباب جي گهر ناهي ويو، عذير بلوچ جيڪي قتل ڪرايا، انهن ڏي به بلاول ناهي ويو، باقي هيومن رائيٽس جي ڳالهه ڪري پوري پاڪستان ۾ هيلي ڪاپٽر تي گهمي پيو. علي زيدي چيو ته بلاول ڪڏهن نوڪري ڪري ڪم ڪيو آهي، ان کان پڇان ٿو ته اثاثا ڇا اٿس، هر شي چوي ٿو ته وراثت ۾ ملي آهي ٻاهرين ملڪن مان، هي پوري قوم کي بيوقوف پيا بڻائين. ان موقعي تي پي ٽي آ ايم پي اي سدره عمران، سيد محمد علي شاهه، سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا، ان کان اڳ وفاقي وزير علي زيدي سيد محمد علي شاهه جي رهائشگاهه تي مانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button