پاڪستانسنڌ

ميرواهه گورچاڻي ۾ غير معياري اٽو، ٻارن سميت 8 ماڻهو بيمار

ميرواہه گورچاڻي: ميرواهه گورچاڻي ۾ يوٽيليٽي اسٽور تان ڌپ وارو اٽو ملڻ لڳو. 2 ڏينهن اڳ ڳوٺ حاجي فتح خان نوحاڻي جي رھواسي پورهيت نور محمد خاصخيلي سستو اٽو خريد ڪيو، اٽو کائڻ سبب پورهيت نور محمد خاصخيلي، سندس گهرواري سميت 8 ورهين جو وهاب ولد نور محمد خاصخيلي، 6 سالن جو حمير ولد نور محمد، ٻئي طرف نوجوان پورهيت زبير ولد نور محمد خاصخيلي، سندس گهر واري سان گڏ 6 سالن جي نياڻي فاطمه ڌي زبير خاصخيلي، 4 سالن جي عاصمه ڌي زبير خاصخيلي پيٽ جي تڪليف ۾ وٺجي ويا، رات جو ٻارن جي طبيعت وڌيڪ خراب هجڻ ڪري کين عطائي ڊاڪٽر کان علاج ڪرايو ويو، پر ٻارن جي حالت بهتر نه ٿي سگهي. ان سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پورهيت نور محمد خاصخيلي ۽ پورهيت زبير خاصخيلي جو چوڻ آهي ته غريب ماڻهو مارڪيٽ مان 3 هزار رپين ۾ اٽو خريد نٿا ڪري سگهن، اسان مجبور ٿي يوٽيليٽي اسٽور تان 2 هزار وارو سستو اٽو 5 ڪلو 5 سئو رپين ۾ خريد ڪيو، جيڪو غير معياري، ڌپ وارو ۽ ڪيڙن وارو نڪتو، اٽُو کائڻ سبب 8 ماڻهو پيٽ جي تڪليف ۾ وٺجي ويا. اسان اسٽور انچارج لڇمڻ کي شڪايت ڪئي، پر هن وڏي آفيسر جو فون نمبر ڏئي ٽاري ڇڏيو. هنن گهر ڪئي ته خراب اٽو وڪرو ڪندڙ يوٽيليٽي انچارج خلاف قدم کڻي معياري اٽو ڏنو وڃي. ٻئي طرف يوٽيليٽي انچارج لڇمڻ جو چوڻ آهي ته اسان کي اٽو مٿان کان پيڪ ملندو آهي، اڳ اهڙي ڪا شڪايت ناهي ملي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button