پاڪستانسنڌ

نفيس نگر ۾ مزدورن جو مزدوري جا پئسا نه ملڻ خلاف احتجاج

نفيس نگر: نفيس نگر ۾ مزدورن لڇمڻ ڀيل، اتم ڀيل، چنديرام ڀيل، مرتضى گرگيز، زاهد گرگيز ۽ نور احمد جي اڳواڻي ۾ نفيس نگر-ٽالهي مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته ڳوٺ احمد نگر جو رهواسي راشد بٽ اسان کي مزدوري ڪرائڻ بهاني پنجاب جي علائقي ضلعي چنوٽ جي تعلقي لاليان ۾ ڀٽي فارم تي وٺي ويو، جتي اسان مسلسل چار مهينا مال جي واڙي تي ڪم ڪيو، جنهن جي تقريبن چار لک مزدوري ٿئي ٿ، پر اسان کي مزدوري جو ٽڪو به ڪو نه ڏنو ويو، اسان کائنس مزدوري جا پئسا گهريا ته راشد بٽ اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا. هنن تڪ جي چونڊيل نمائندن توڙي ڊي آءِ جي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته بااثر مئنيجر راشد بٽ خلاف قدم کڻي مزدوري جا پئسا ڏياري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي الزام هيٺ آيل مئنيجر راشد بٽ ٻڌايو ته سمورا مزدور مزدوري جا پئسا وٺي ويا آهن، ڪوڙن الزامن کي قانوني طريقي سان منهن ڏيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button