اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ڪڻڪ جو في مڻ 400 رپيا وڌائڻ جي سفارش،وفاقي وزيرن جو اعتراض

اسلام آباد :پنجاب ڪابينا ڪڻڪ جي في مڻ قيمت 2200 رپيا مقرر ڪرڻ جي سفارش وفاق ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. جڏهن ته وفاقي وزيرن خدشن جو اظهار ڪندي قيمت تي اختلاف ڪيو آهي. رپورٽ موجب پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت خريد ڪرڻ جي حوالي سان وفاقي وزيرن جا اختلاف سامهون اچي ويا آهن. پنجاب ڪابينا طرفان ڪڻڪ جي في مڻ قيمت 2200 رپيا مقرر ڪرڻ جي سفارش وفاق ڏانهن اماڻي وئي آهي. جنهن تي اهم وفاقي وزيرن طرفان خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي. وفاقي وزيرن جو موقف آهي ته ڪڻڪ جي امدادي خريد واري قيمت گذريل سال 1800 رپيا في مڻ مقرر ڪئي وئي هئي پر هاڻي اوچتو 400 رپيا في مڻ اضافو ڪرڻ سان اٽي جي قيمت ۾ واڌ ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button