پاڪستانسنڌ

سامارو روڊ لڳ 15 ڏينهن اڳ پرڻيل ڇوڪري انت آڻي ڇڏيو

سامارو روڊ: سامارو شھر ڀرسان 15 ڏينھن اڳ پرڻيل ڇوڪري 23 سالن جي وارڪي زال چيتن ڪولھي مائٽن جي گھر ۾ لانڍي جي گارڊر ۾ رسي سان ڳچي ۾ ڦاھو وجهي خودڪشي ڪري ڇڏي. اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وارڪي جي لاش کي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال سامارو آندو. ڪوٽ غلام محمد جي ديهھ 321 واسي فوتڻ وارڪي جي مڙس چيتن پٽ گمنو ڪولھي سندس مائٽن کي اطلاع ڏنو، جيڪي اسپتال پھتا. ڇوڪري وارڪي جي مائٽن ما جيڻي، پي دادو، ڀا شوڏان، مڙس چيتن ۽ ٻين پوليس کي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪندي چيو ته وارڪي جو دماغي توازن درست نه ھو، ھن خودڪشي ڪئي آھي. جنھن بعد پوليس مائٽن ۽ ساھرن کان لکت وٺي لاش سندن حوالي ڪيو. فوتڻ جي مڙس چيتن ڪولھي ٻڌايو ته منھنجي زال وارڪي مونک ي چوندي رھي ته تون مونکي پسند ناھين ۽ ڳالھائيندي به نه ھئي. لاش وارث سامارو روڊ کڻائي ويا. ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته وارڪي جي مائٽن سندن مرضي موجب 15 ڏينھن اڳ ڪوٽ غلام محمد جي ديھه 321 واسي چيتن پٽ گمنو ڪولھي سان شادي ڪرائي ھئي، پر وارڪي شادي مان خوش نه هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button