پاڪستانسنڌ

سنجهورو ۾ بحالي سينٽر اندر مريض جو مبينا آپگهات

سنجهورو: سنجهوري شھر ٻاهران قائم نشي جي عادي مريضن جي بحالي جي سينٽر هائوس آف ھوپ ۾ سانگهڙ سان تعلق رکندڙ 24 ورهين جي آصف مسيح ولد سيموئل مبينه آپگهات ڪري ڇڏيو. وارثن انتظاميا تي قتل جو الزام هڻي ڇڏيو. مبينا آپگهات ڪندڙ آصف مسيح جي وڏي ڀا نديم مسيح هائوس آف هوپ جي انچارج تي الزام هڻندي چيو ته منهنجي ڀا کي قتل ڪيو ويو آھي، جنهن جي شاهدي ساڻس بيرڪ ۾ موجود ٻيا مريض به ڏين ٿا، انهن جي شاهدي جي وڊيو به موجود آھي. هن سيشن جج سانگهڙ، ڊي سي سانگهڙ ۽ ايس ايس سانگهڙ کان شفاف انڪوائري جو مطالبو ڪندي انصاف جي گهر ڪئي. ٻئي طرف سنجهورو پوليس مطابق هائوس آف هوپ جي بيرڪ انچارج ارجن پنهنجي بيان ۾ چيو آھي ته مريض آصف 12 وڳي کانپو ماني جي ٽائيم تي جڏهن سڀ مريض ماني کائڻ لا ويا ته پويان بيرڪ جي ٽيبل تي چڙھي اڳٺ ذريعي ڦاهو کائي ڇڏيو. هوڏانهن پوليس تعلقي اسپتال مان لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button