پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ ڪمپنين جي زيادتين خلاف متاثرن جون ريليون

اسلام ڪوٽ: ٿر سماجي تحريڪ طرفان ٿرڪول ڪمپنين جي زيادتين خلاف جاڳرتا مهم جاري آهي. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن ٿرڪول بلاڪ ٽو جي ڳوٺ ڄامن سمون مان ٿرڪول ڪمپنين جي زيادتين خلاف جاڳرتا ريلي متاثرن لال محمد سمون، نصير سمون، متارو سمون، مٺو سمون، جان محمد سمون، وارث سمون، رمون ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي ڳوٺاڻن چيو ته ڳوٺ ڄامن سمون ۾ جيڪي به متاثر آهن، انهن کي اينگرو ڪمپني نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، مفاد پرست ماڻهن کي نوازي اسان جا حق غضب ڪري ڇڏيا آهن، اسان متاثر ڌر سان ٿر فائونڊيشن سهڪار نه ڪيو آهي، اسان پاڻي ڦڙي لا پريشان آهيون، کوهن جو پاڻي ختم ٿي ويو آهي، سال کان دانهون ڪريون پيا، پر چونڊيل نمائندن توڙي ضلعي انتظاميا ڪو نوٽيس ناهي ورتو، ٿر کي پيرس بڻائڻ جي دعوى ڪندڙ ٿر فائونڊيشن ڪوڙين دعوائن تائين محدود آهي. احتجاج بعد ڳوٺ ٻٽڙا امري ڍاڻي کان کيمي جي ڍاڻي تائين متاثرن راڻون ڀيل، پرو امرو ڀيل، ڀمرو ڀيل، کيمون شنڪر ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ڳوٺاڻن چيو ته اسان ٿرڪول بلاڪ ٽو پاور پلانٽ جي هنج ۾ آهيون، پر پيئڻ لا پاڻي به نٿو ملي، سنڌ اينگرو ڪمپني ۽ ٿر فائونڊيشن ڪوڙن دلاسن کانسوا ڪجهه ناهي ڏنو. ان موقعي تي عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. هوڏانهن ڳوٺ ٿاريو ھاليپوٽو ۾ عبدالعزيز قادري، سليم هاليپوٽو، حافظ رمضان ۽ نبي بخش هاليپوٽو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. هنن چيو ته سنڌ اينگرو ڪمپني ٿاريو هاليپوٽا ۽ پاٻوھر جي زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي ٿر سماجي تحريڪ جي اڳواڻ امير حسن راهمون، رسول بخش سمون، مصطفى شاهھ، ديدار لنجو، نصير نون ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ٿرڪول ڪمپنين ٿر جي مقامي ماڻهن سان انصاف نه ڪيو ته اسان ڀرپور ريليون ڪڍي پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button