پاڪستانسنڌ

دادو ۾ پوليس اهلڪار پاران پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش

دادو: دادو شهر جي سومرا محلي جو رهواسي پوليس اهلڪار لال بخش گوپانگ پريس ڪلب آڏو پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته علائقي واسين بچائي ورتو. پوليس اهلڪار لال بخش گوپانگ صحافين آڏو دانهيو ته ويرا گوپانگ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهي آهي، ايس ايس پي آفيس دانهن کڻي ويس ته مون کي ملڻ نه ڏنو ويو، ويرا گوپانگ زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي، روز ڪوڙا ڪيس ۽ مون خلاف ڪوڙيون درخواستون ڪري رهي آهي. هن چيو ته ويرا گوپانگ جا پٽ سالار ۽ محبوب گوپانگ ڏوهاري آهن، پوليس انهن کي گرفتار ڪري ٿي ته هو منهنجي مٿان ڪوڙيون درخواستون ڪري ٿي. هن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪندي چيو ته ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندڙ ويرا گوپانگ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button