اسلام آبادپاڪستان

تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري تي يقين رکان ٿو:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ کي 3 سال مڪمل ٿيڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت کي پيغام ڏنو آهي ته تڪرارن جي حل لاءِ سدائين ڊائلاگ ۽ سفارتڪاري تي يقين رکان ٿو. آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ کي 3 سال مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم عمران خان طرفان سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام جاري ڪيو ويو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان لکيو ته تڪرارن جي حل لاءِ سدائين ڊائلاگ ۽ سفارتڪاري تي يقين رکندو آهيان، ڊائلاگ جي خواهش کي ڪمزوري جي علامت نه سمجهيو وڃي. هن چيو ته سفارتڪاري سان تڪرارن جي حل جو اظهار ڀارت سان 27 فيبروري 2019 ۾ به ڪيو، جڏهن ڀارت اسان تي حملو ڪرڻ چاهيو. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج ڪنهن به فوجي جارحيت جو عوام جي حمايت سان هر سطح تي ڀرپور جواب ڏيندي، اسان وطن ۽ قوم جي دفاع لاءِ پرعزم ۽ ثابت قدم آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button