پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ اغوا ڄاڻايل ڇوڪري جي بازيابي لا ڌرڻو

ميرپورخاص: ميرپورخاص جي علائقي مالهي ڪالوني جي رهواسڻ ميرا ڀاٽ جي مبينا اغوا خلاف سندس سوين وارث عورتن ۽ مردن مهراڻ ٿاڻي ۽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي پوليس ۽ بااثرن خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ناري جي والد چيتن، چاچي ڪرشن ڀاٽ ۽ ٻين چيو ته علائقي جو بااثر رهواسي آصف هاليپوٽو پنهنجي ساٿي قمرالدين سان گڏ گھر ۾ گھڙي نوجوان نياڻي ميرا ڀاٽ کي اغوا ڪري کڻي ويو آهي، اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس بااثرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اسان کي شڪ آهي ته بااثر اسان جي نوجوان نياڻي کي زوري مذهب تبديل ڪرائيندا يا کيس قتل ڪري ڇڏيندا. هنن چيو ته پوليس بااثرن جي ڪمداري ڪري رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بااثرن خلاف اغوا ڪيس داخل ڪري نياڻي کي بازياب ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن ڌرڻي دوران پوليس وارثن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو. جڏهن ته مبينا اغوا ڄاڻايل ناري ميرا جي سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ ناري مسلمان ٿي پيار جو پرڻو ڪرڻ ۽ سندس اسلامي نالو آمنه رکڻ ٻڌائي ٿي. هن چيو ته مرضي سان اسلام قبول ڪري پيار جو پرڻو ڪريان پئي. ٻئي طرف پوليس ناري جي والد جي فرياد تي آصف هاليپوٽو ۽ قمرالدين ۽ هڪ نامعلوم خلاف ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا. ذريعن موجب پوليس جوابدار نه ملڻ تي مک جوابدار آصف هاليپوٽو جي ڀا کي گرفتار ڪري ورتو. هوڏانهن ناري جي والد چيتن ۽ ڀا ڦوٽو رام پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اميرا جو ب فارم ڏيکاريندي دانهيو ته نادرا جي جاري ڪيل ب فارم ۾ اميرا جي پيدائش جو سال 2008ع واضع ٿيل آهي، اسان جي نياڻي کي دٻاءُ ۾ آڻي سوشل ميڊيا تي بيان رڪارڊ ڪرائي جاري ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button