پاڪستانسنڌ

پ پ ۽ پي ٽي آ جو مارچ سياسي مفادن لا آهي: زين شاهه

ميهڙ: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو مرڪزي صدر سيد زين شاهه ميهڙ پهتو، جتي هن ايس يو پي آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پ پ پ ڪرپشن جي انتھا ڪري ڇڏي آھي، اسان غير ضروري طور ٻين ملڪن ۾ جنگ جو حصو پيا ٿيون، جنگن ۾ پئسو خرچ ڪرڻ بدران عوام تي پئسو خرچ ڪيو وڃي، نيب هڙپ ڪيل پئسو واپس ناهي ڪيو، پ پ پ ۽ پي ٽي آ جو لانگ مارچ عوام جي لا نه پر پنهنجي سياسي مفادن جي لا آھي، ان ۾ عوام جو ڪو به فائدو ناهي، انهن جي جلسن، جلوسن ۽ پروگرامن تي عوام جو پئسو خرچ پيو ٿئي، اليڪشن ۾ اسٽبلشمينٽ جي مداخلت ۽ ڊيل واري سياست جي ڪري عوام جو اليڪشن ۽ جهموريت تان ويساهه کڄي ويندو، ڊيل واري سياست سبب سنڌ جي عوام ۾ ڪاوڙ آهي، خراب حڪمراني جو حل شفاف چونڊون آهن، ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ پ خلاف وڏو محاذ ٺهندو، وڏيرا صرف اقتدار جا پوڄاري آهن، اشاري تي زرداري کي بنا سلام جي ڀڄي ويندا. هن وڌيڪ چيو ته بلدياتي نظام عدالتي ۽ فوج جي نگراني ۾ نه ٿيو ته اها اليڪشن هڪ مشڪري هوندي، جتي سرڪاري مشينري ذريعي ماڻهو چونڊيا ويندا، سنڌ ۾ قومي ڪارڪنن جي شهادتن ۽ مسنگ پرسنس ۾ پ پ پ سرڪار جو هٿ آهي، اهي سهولتڪار بڻيل آهن، اهو سلسلو 2008 کان وڌيڪ تيز ٿيو آهي، بلدياتي اليڪشن شفاف ٿيندي نظر آئي ته اميدوار بيهارينداسين. ان موقعي تي ايس يو پي ضلع صدر سڪندر سوڍر، حاجي خان مارفاڻي، شبير منگي، محمد اسماعيل چانڊيو، حبيب حضوري، عبدالمجيد سوڍر، امتياز سوڍر ۽ ٻيا اڳواڻ گڏ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button