پاڪستانسنڌ

ڌاٻيجي لڳ موٽرسائيڪل کي ڪار جو ٽڪر، 2 ڄڻا فوت ٿي ويا

ڌاٻيجي: ڌاٻيجي لڳ تيزرفتار ڪار جي ٽڪر ۾ گهگهر واسي 2 ڄڻا فوت، ڪار سوار فرار، پوليس ناڪابندي ڪرڻ باوجود ڪار هٿ نه اچي سگهي، خبر موجب ڪراچي کان ايندڙ تيزرفتار ڪار اڳيان ويندڙ موٽرسائيڪل کي پٺيان زوردار ٽڪر هنيو. جنهن جي نتيجي ۾ گهگهر لڳ پاڪ لينڊ سيمينٽ فيڪٽري رودين ڪلمتي جا رهواسي منٺار ۽ جعفر ڪلمتي موقعي تي فوت ٿي ويا. جڏھن ته ڪاري ڪلر جي ٽوڊي ڪار سوار موقعي تان فرار ٿي ويا، جڏهن ته پوليس ناڪابندي ڪري ڳولا شروع ڪري ڏني آهي، آخري اطلاعن تائين ڪار هٿ نه اچي سگهي. حادثي ۾ فوت ٿيل ٻنهي ڄڻن جا لاش ضروري ڪارروائي لا اسپتال آندا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button