پاڪستانسنڌ

نيازي سرڪار جو هڪ ئي مشن آهي ته ماڻهن کي مصيبتن ۾ وجهو: وڏو وزير

حيدرآباد: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نيازي حڪومت عوام کي تڪليفن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن کان نجات لاءِ پيپلزپارٽي پاران عوامي مارچ ڪيو پيو وڃي. حيدرآباد ۾ پ پ پاران منعقد جلسي کي خطاب دوران سيد مراد علي شاهه چيو ته اهو نيازي جيڪو پاڻ چوندو هو ته ڪنهن چوڪ يا چوراهي تي 50 ماڻهو گڏجي کانئس استعيفيٰ جو مطالبو ڪندا ته هو استعيفيٰ ڏيندو.

حيدرآباد مارچ ۾ موجود هزارين ماڻهو کانئس استعيفيٰ جو مطالبو پيا ڪن، ان لاءِ کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته ساڍن ٽن سالن جي عرصي ۾ نيازي سرڪار ملڪ جو حال برو ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو آهي. عوام مهانگائي جي آزار سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهي. وڏي وزير چيو ته نيازي سرڪار جو هڪ ئي مشن آهي ته هو ماڻهن کي مصيبتن ۾ وجهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button