پاڪستانسنڌ

عمران خان وٽ استعيفى ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه بچيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

حيدرآباد/ٽنڊو محمد خان/هالا: پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان وٽ استعيفى ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه بچيو آهي، هن ڪالهه لانگ مارچ جي قيادت ڪندي حيدرآباد جي غريب آباد ۾ هڪ وڏي عوامي ميڙ دوران مخاطب ٿيندي پڇيو ته ڇا حيدرآباد واسين کي سليڪٽيڊ جي 3 سالا حڪومت ۽ تبديلي پسند آئي آهي؟، جنهن دوران عوام کيس نه نه جي نعرن سان ورندي ڏني، هن وڌيڪ چيو ته هن چيو ته آئون ڪراچي، ٺٽو، سجاول، بدين، ٽنڊومحمد خان ۽ حيدرآباد جي عوام جو ٿورائتو آهيان، جنهن پ پ جي سڏ تي عوامي مارچ جو ساٿ ڏنو، جيڪو مارچ هن نالائق، نااهلي ۽ سليڪٽيڊ وزيراعظم سان گڏوگڏ سندس سياسي، معاشي پاليسين توڙي ظلم جي خلاف آهي. هن چيو ته عوام سدائين پ پ سميت قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو ساٿ ڏنو ۽ هاڻ آئون اوهان وٽ مدد ۽ ساٿ گهرڻ لا آيو آهيان. هن چيو ته مارچ هن نالائق، نااهل ۽ سليڪٽيڊ وزيراعظم سان گڏوگڏ سندس سياسي، معاشي پاليسين توڙي ظلم جي خلاف آهي.

هن چيو ته هن ملڪ جي عوام، مزدورن ۽ شاگردن لا جدوجهد ڪري رهيا آهيون، هن معاشي بحران جي دور ۾ پ پ ئي مزدورن سان گڏ آهي، مزدورن جي اجرت وڌائڻ وارو فيصلو عدالتن ۾ چيلينج ٿي رهيو آهي، اسان کي چيو پيو وڃي ته مزدورن جي پگهارن ۾ اضافو نٿا ڪري سگهون، آئون سمورين قوتن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان پهرين به مزدورن کي حق ڏنا آهن ۽ انشا الله سنڌ حڪومت هاڻي به وڌ کان وڌ رقم رکندي، جڏهن پاڻي جو بحران ٿيو ۽ پاڻي جي ورڇ تي ناانصافي ٿي ته پ پ پوري ملڪ ۾ احتجاج ڪيا. هن چيو ته آمر ضيا الحق شاگرد يونين سازي جو حق نوجوان کان کسيو، اسان شاگردن يونين بحال ڪري نوجوانن کي اهو حق ڏياريو. هن چيو ته اسان مهانگائي، غربت ۽ بيروزگار خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون، جڏهن کان پي ٽي آ ايم ايف بجيٽ آيو آهي تڏهن کان جدوجهد ۾ آهيون ۽ هاڻ جدوجهد جي هڪ مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهيون، معاشي بحران توڙي پي ٽي آ ۽ آ ايم ايف ڊيل کان نڪرن لا عمران خان کي گهر موڪلڻو پوندو، صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻا پوندا ته جيئن عوامي حڪومت اچي، جنهن وٽ حقيقي عوامي مينڊيٽ هجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوامي مارچ ۾ شامل جيالن جو جوش ۽ جذبو ڏسي ڪٺ پتلي حڪومت گهٻرائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن پنهنجا ڪجهه وزير سنڌ موڪليا آهن ته هو وڃي سنڌ جي حقن لا مارچ ڪن، ڪير هن ڪٺ پتلي کي سمجهائيندو ته سنڌ جي حقن تي ته اوهان ڌاڙو هنيو آهي، سنڌ جي گئس، پاڻي، آئيني حقن، 18 هين ترميم، اين ايف سي ايوارڊ تي ڌاڙو ته اوهان هنيو آهي، هن ڪٺ پتلي نه صرف سنڌ پر چئني صوبن سان ناانصافي ڪئي آهي.

هن چيو ته وزيراعظم بزدل آهي ايترو ته پريشان ٿي ويو آهي جو هو هاڻ ميڊيا تي پابندي لڳائي رهيو آهي ته جيئن ميڊيا هن ۽ هن جي حڪومت خلاف نه ڳالهائي يا وري ميڊيا تي خاتون اول يعني عمران خان جي زال خلاف نه ڳالهائي ۽ هاڻ پورو آرڊيننس ڪڍيو آهي ته ڪير به سماجي رابطن واري ويب سائيٽن تي وزيراعظم خلاف نه ڳالهائي نه ته 5 سال قيد ڪاٽيندو، هي وزيراعظم بزدل ۽ ڊڄڻو آهي، هي ڪهڙي قسم جو وزيراعظم آهي، جيڪو تنقيد برداشت نٿو ڪري سگهي ۽ پاڻ ظلم ڪري ٿو. هن چيو ته وزيراعظم جا نمائنده چون ٿا ته صدر زرداري جي دور ۽ عمران خان جي 3 سالا حڪومت دور جو مقابلو ڪيو، عمران ته صدر زرداري جي جوتي برابر به ناهي، عمران ڦرڻ کانسوا ڪجهه ناهي ڪيو. هن چيو ته عمران کنڊ چور، اٽي چور، پاڻي چور، گئس چور آهي ۽ الزام ٻين تي هنيا آهن، اسان رڪارڊ تي ڳالهايون ته صدر زرداري 1973ع جو آئين بحال ڪيو، 18 هين ترميم آندي، سمورن صوبن کي حق ڏنا، اين ايف سي ايوارڊ ڏياريا، خيبرپختونخواهه کي سڃاڻپ ڏني، ايران کان گئس پائپ لائين منصوبي جي شروعات ڪرائي پر ان منصوبي کي اڄ تائين اوهان مڪمل نه ڪري سگهيا، جيڪڏهن اڄ سي پيڪ منصوبو هلي رهيو آهي ۽ گوادر پورٽ جڙي رهيو آهي ته صدر زرداري جو شڪريو آهي، هن ۾ عمران خان جو ڪهڙو ڪمال آهي. هن چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم سمجهي ٿو ته هو پ پ جو مقابلو ڪري سگهي ٿو ته اڄ قوم سان خطاب ڪندي اسيمبليز ٽوڙڻ جو اعلان ڪري اسان اليڪشن لا تيار آهيون ۽ ڪارڪن به تيار آهن، جڏهن هو پاڻ اسيمبليون نه ٽوڙيندو ته جيالا اسلام آباد اچي رهيا آهن، اڃا ته صرف هڪ ڏينهن گذريو آهي ته بني گالا ۾ رڙيون اچڻ شروع ٿي ويون آهن، 8 مارچ تي اسلام آباد پهچنداسين ته ڇا ٿيندو؟. هي ضرور گهر ويندو.

هوڏانهن هالا ۾ خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ ٻئي ڏينهن تي ھالا ۾ آھيون ۽ وزيراعظم صاحب ھاڻ ئي ڊڄي ويو آهي ۽ قوم کي خطاب ٿو ڪري، هن چيو ته واعدو ڪيو هو ته ھڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندو، ڪيڏانهن ويون نوڪريون. واعدو ڪيو هو ته 50 لک گھر ڏيندس، ڪيڏانهن ويا گھر. ھن چيو ته ڪرپشن ختم ڪندس پر پاڻ چور نڪتو. ان کان اڳ ٽنڊو محمد خان جي مين بس اسٽاپ تي گڏ ٿيل هزارين ماڻهن جي جلسي عام کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندي چيو ته آمريت سان مقابلي لاءِ عوام آمر ضيا کان پرويز مشرف ۽ هاڻي سيليڪٽيڊ حڪومت تائين مقابلو ڪري پ پ سان پنهنجو ساڳيو محبت وارو مضبوط رشتو قائم رکيو آهي، هن چيو ته سليڪٽيڊ وزيراعظم عمران خان يوٽرن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي عوام کي خوشحالي جا خواب ڏيکاري بک بيروزگاري بدحالي تحفي ۾ ڏني آهي، پيٽرول، گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ سان گڏ نون ٽئڪسن لاڳو ڪرڻ سان ملڪ جي معاشي حالت بدتر بڻائي ڇڏي آهي، قرض نه وٺڻ جا نعرا لڳائي پاڪستان کي دنيا جي اندر سڀ کان وڌيڪ قرض وٺندڙ ملڪ بڻائي ڇڏيو آهي، وفاقي حڪومت جي غلط ڏيهي پرڏيهي پاليسين ملڪ جي سلامتي لاءِ خطرو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، پيپلزپارٽي هر دور ۾ پاڪستان جي عوام جي اجتماعي مفادن جي رکوالي ڪئي آهي، اسان کي پاڪستان هر حالت ۾ کپي جو نعرو بلند ڪرڻو آهي، پاڪستان جي سلامتي لاءِ خطرو بڻيل وفاقي حڪومت کي هاڻي گهر ڀيڙو ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، ڪراچي کان شروع ٿيندڙ پ پ جو مارچ اسلام آباد ڏانهن اڳتي وڌڻ شروع ڪيو آهي، ٽنڊو محمد خان جي عوام کي مبارڪباد ڏيون ٿا جنهن هزارن جي تعداد ۾ اچي مارچ ۾ شريڪ ٿي پنهنجو پ پ سان عظيم محبت وارو رشتو قائم رکيو آهي، هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي شهيد بينظير ڀٽو تائين عوام پ پ سان گڏ رهيو آهي هاڻي به عوام پ پ سان گڏ آهي، پ پ جو لانگ مارچ هاڻي وفاقي حڪومت لاءِ عوامي ريفرنڊم ۾ تبديل ٿي ويو آهي، اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ئي وفاقي حڪومت ۾ لوڏا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، هاڻي سليڪٽيڊ وزيراعظم عمران خان وٽ استعيفى ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه بچيو آهي، کيس استعيفى نه ڏيڻ جي باوجود قومي اسيمبلي مان بي اعتمادي ذريعي نااهل قرار ڏيئي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو، اپوزيشن وفاقي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ هڪ نقطي تي گڏ آهي، جنهن ۾ ڪو به اختلاف هاڻي نه رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button