ھوسڙي: کٿڙ لڳ ڳوٺ بچل شورو جي حاجاڻي پاڙي ۾ امام بخش حاجاڻي جي گھر کي رڌپچا دوران چلھه مان چڻنگ اٿڻ سبب باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ مينهن سميت کٽون، ھنڌ بسترا، ڪپڙا ۽ ٻيو لکين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي. انهي حوالي سان متاثر پورھيت امام بخش حاجاڻي صحافين کي ٻڌايو ته ايندڙ جمعي جي شام منهنجي نياڻي جي شادي رٿيل آھي ۽ منهنجي نياڻي ونواھه ۾ ويٺل ھئي.
ھن چيو ته رڌپچا ڪندي چلهھ مان نڪرندڙ چڻنگ مان باھه لڳي وئي، جنهن جي ڪري گھر مڪمل سڙي رک ٿي ويو. ھن چيو ته ونواھه ۾ ويٺل نياڻي جي ڏاج سميت ھڪ مينهن پڻ سڙي وئي آھي. ھن چيو ته گھر ۾ رکيل الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي. ھن وس وارن کي اپيل ڪئي ته منهنجي مالي مدد ڪئي وڃي.