پاڪستانسنڌ

“شيخ اياز جون سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمتون” اڄ مذاڪرو ٿيندو

حيدرآباد: سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران “شيخ اياز جون سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمتون” جي عنوان هيٺ اڄ مذاڪرو ٿيندو، اداري جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب جديد سنڌي شاعري جي باني شيخ اياز جي 99 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران اڄ 2 مارچ تي شام 4 وڳي “شيخ اياز جون سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمتون” جي عنوان هيٺ ڊاڪٽر اين اي بلوچ هال ۾ هڪ مذاڪرو ڪوٺايو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ جا عالم ۽ اديب شيخ اياز جي خدمتن بابت پنهنجا ويچار ونڊيندا، مذاڪري ۾ عالم، اديب ۽ شيخ اياز سان محبت ڪندڙ شرڪت ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button