پاڪستانسنڌ

ميرپوربٺورو ۾ نصيرآباد جي صحافي جي گهر مان ٿيل چوري خلاف احتجاج ڪيو ويو

ميرپوربٺورو: ميرپوربٺورو ۾ نصيرآباد جي صحافي الطاف ڪانڌڙو جي گهر مان ٿيل چوري واپس نه ٿيڻ خلاف صحافين پاران صوفي شاهه عنايت پريس ڪلب جي صدر ڪريم داد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي صحافين مشتاق چانڊيو، انتظار کٽي، محمد اشرف چانڊيو، ممتاز علي شورائي، الطاف چانڊيو، سچل شورائي، غازي چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ڪجھه ڏينھن اڳ صحافي الطاف ڪانڌڙو جي گهر مان لکين روپين جي چوري ٿي وئي هئي، جنهن جي رپورٽ نصيرآباد ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي پر هن وقت تائين نصيرآباد پوليس چوري واپس ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي فوري طور صحافي جي چوري ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button