پاڪستانسنڌ

ڪڙيوگھنور ۾ حيسڪو اختيارين جي ناانصافين خلاف شهرين جي احتجاجي ريلي

ڪڙيوگھنور: ڪڙيوگھنور ۾ حيسڪو اختيارين جي ناانصافين خلاف شهرين ۽ واپارين محمد سوڍر، گيانچند مھيشوري، اسحاق سوڍر، آصف نظاماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نظاماڻي پيٽرول پمپ کان شھيد فاضل راھو چوڪ تائين ريلي ڪڍي، احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ حيسڪو ڪڙيوگھنور انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته لائين مين نور محمد مگسي ۽ غوث خان پٺاڻ وچ بازار ۾ 1982 کان لڳل بجلي جو ٽرانسفارمر ڳري رقم عيوض لاھي وڪرو ڪري ڇڏيو آھي، جنهن ڪري مين بازار جي اڌ کان وڌيڪ علائقي جي بجلي بند ٿي وئي آھي، ھنن وڌيڪ چيو ته حيسڪو جا ملازم ھٿرادو ڪنڊا لڳائي ڏين ٿا، جنهن جو سڄو بار ميٽر صارفين تي پوي ٿو، جنھن ڪري واڌو بل ۽ ڊٽيڪشن لڳڻ ھر مھيني جو معمول بڻيل آھي.

ھنن وڌيڪ الزام هڻندي چيو ته حيسڪو ڪڙيوگھنور وارن شھر جي مختلف علائقن ۾ ڇھه جعلي ٽرانسفارمر لڳائي انھن ذريعي 80 سيڪڙو ڪنڊا سسٽم لڳائي ڏنا آھن، جتان ھر مھيني لکين روپيا رشوت ورتي وڃي ٿي، انھي سڄي چوري جو لاس 18 ڪلاڪ ھٿرادو لوڊشيدنگ ڪري ۽ صارفين تي واڌو بل موڪلي پورائو ڪيو وڃي ٿو. ھنن مطالبو ڪيو ته حيسڪو جي ڪرپٽ ملازمن خلاف قدم کڻي شھر ۾ لڳل غيرقانوني ڪنڊا سسٽم ختم ڪري غيراعلانيه لوڊشيدنگ جو آزار ختم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button