پاڪستانسنڌ

قاضي بدر سنڌي سگهڙائپ جي فن جو جادوگر آهي: نصير مرزا

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي ۾ سنڌي ادبي سنگت ضلعي ڄام شوري، سگا ڪوٽڙي ۽ بزم غالب ملڪاڻي جي گڏيل سهڪار سان سنڌ جي سڄاڻ سگهڙ شاعر قاضي بدر سان رهاڻ ملهائي وئي. رهاڻ تقريب جي صدارت عبدالجيل قريشي ڪئي. مهمانن ۾نصير مرزا، الطاف ملڪاڻي، آغا ظفر، قربان پنهور، پيرل خان کوسو، عبدالله بروهي، اياز ميمڻ عاشق سولنگي، محبوب سنڌي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. نصير مرزا چيو ته قاضي بدر سنڌي سگهڙائپ جي فن جو جادوگر آهي، جنهن وٽ نوان نوان لوڪ ادب ۾ تجربا ملن ٿا. ستار ڀٽو چيو ته قاضي بدر سنڌ جو سجاڳ سگهڙ ۽ شاعر آهي، جنهن ۾ قوم کي جاڳائڻ جي سگهھ آهي. اسڪالر الطاف ملڪاڻي چيو ته قاضي بدر جديد سگهڙائپ جي فن کي نواڻ بخشي آهي، لوڪ ادب ۾ سندس ڪيل ڪم سدا زندھه رهندو. ليکڪ محبوب سنڌي چيو ته قاضي بدر جي فڪر ۾ سنڌيت جو عشق شامل آهي، قاضي فني ۽ فڪري لحاظ کان پڪو پختو سگهڙ شاعر آهي. سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ آغا ظفر چيو ته قاضي بدر پنهنجي سڄي ڄمار لوڪ ادب کي ارپي آهي. جڏهن ته تقريب ۾ قاضي بدر جي 77 هين سالگرھه جو ڪيڪ به ڪاٽيو ويو. آخر ۾ قمر لطيفي پنهور قومي گيت ڳائي داد ماڻيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button