پاڪستانسنڌ

ڪلوئي ۾ رستي تان ويندڙ همراهه ڪهاڙين جا وار ڪري قتل

ڪلوئي: ڪلوئي ۾ رستي تان ويندڙ همراهه کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو. رپورٽ موجب ڪلوئي ويجھو ڳوٺ ڍانڍو جي رھواسي 40 ورهين جي محمد عمر کي واٽ ويندي جوابدار ڪھاڙين جا وار ڪري سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويو، زخمي کي ڳوٺاڻن بيھوشي جي حالت ۾ ڏسي وارثن کي اطلاع ڏنو، وارثن پھچي زخمي کي اسپتال آندو، جتان کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، جيڪو رستي ۾ فوت ٿي ويو. ڪلوئي پوليس لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ڏيپلو آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. رابطو ڪرڻ تي ڪلوئي پوليس جو چوڻ آهي ته وارث ايندا ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. ذريعن کان معلوم ٿيو ته پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي، پر مک جوابدار ھٿ اچي نه سگهيو آهي. پوليس عيوضي ۾ جوابدار جي پي ۽ ٻن ڀائرن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي آئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button