پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم پوليس 2 ڳوٺاڻن جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي، عورتن جو مظاهرو

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ مولوي يوسف آرائين جي مين لائين مان پيٽرول چوري ڪرڻ واري الزام هيٺ ڳوٺ ۾ پوليس چڙھاين سبب خوف وارو ماحول آھي. 8 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا گهر ڇڏي ڳوٺ خالي ڪري هليا ويا ويا آھن. پوليس گرفتار ڪيل ٻن ڳوٺاڻن ساجد آرائين ۽ نصرالله آرائين جي گرفتاري 4 ڏينهن گذرڻ باوجود ظاهر ناهي ڪئي، جنهن سبب وارثن کي خدشو آھي ته کين ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو ويندو. هوڏانهن پوليس جي ظلم خلاف عورتن احتجاجي مظاهرو ڪري ٻارن سان گڏ نعريبازي ڪئي. عورتن چيو ته پوليس اهلڪارن ڌاڙيلن وانگر ڪارروائي ڪئي. گرفتار ڳوٺاڻن جي گهروارين ڪلثوم آرائين، شاهده آرائين، شميم آرائين، ناصر آرائين، ناظم آرائين، زاهد آرائين ۽ ٻين چيو ته پوليس ڳوٺ ڀرسان پيٽرول چوري ٿيڻ ۾ ملوث جوابدارن بدران سڄي ڳوٺ خلاف ڪارروائي ڪئي آھي، پوليس اهلڪارن گهرن ۾ گهڙي ڌاڙيلن جيان ڦرلٽ ڪئي. اهلڪار هڪ ڪار، هڪ ٽريڪٽر، 20 ٻڪريون، سونا زيور، روڪ رقم ۽ موبائل فون کڻي ويا، ان سان گڏ پرچون جي دڪان ۽ گهرن مان به ڪافي سامان کڻي ويا. هنن ٻڌايو ته عدت ۾ ويٺل عورت جو به احترام نه ڪيو ويو ۽ گهرن ۾ ليڊيز پوليس کانسوا ڪارروائي ڪري ظلم ڪيو ويو. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته ملوث اهلڪارن خلاف قدم کڻي گرفتار همراهه آزاد ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button