اسلام آباد :سپريم ڪورٽ سڄي ملڪ ۾ پوليس جي پروموشن لاءِ هڪجهڙي پاليسي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ پوليس آفيسرن جي آئوٽ آف ٽرن پروموشن ڪيس جي شنوائي ٿي، جنهن دوران سپريم ڪورٽ سڄي ملڪ ۾ پوليس جي پروموشن لاءِ هڪجهڙي پاليسي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت چيو ته ايندڙ شنوائي تي صوبن ۽ وفاق ۾ پوليس پروموشن جي هڪجهڙي پاليسي بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي.چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سڄي ملڪ ۾ پوليس پروموشن لاءِ هڪ ئي پائيدار ۽ جامع پاليسي هجڻ گهرجي. جسٽس مقبول باقر چيو ته ساڳي پاليسي ملڪ جي مختلف حصن ۾ مقرر پوليس آفيسرن لاءِ مسئلو نه بڻجندي. چيف جسٽس چيو ته سڄي ملڪ ۾ مقرر پوليس کي برابري جا حق ۽ مراعتون ملڻ گهرجن. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته پوليس آفيسرن تي ٻڌل ڪميٽي وفاق ۽ صوبن سان مشاورت ڪري پاليسي جوڙي. ڪيس جي شنوائي مارچ جي ٽئين هفتي تائين ملتوي ڪئي وئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close