سکر/خيرپور/مورو: پاڪستان پيپلزپارٽي جو سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي مان نڪتل عوامي لانگ مارچ مورو ۽ خيرپور کان ٿيندو سکر پهچي ويو. ان موقعي تي چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري هزارين ماڻهن جي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ٻن ڏينهن جي لانگ مارچ کي ڏسي ڪپتان گهٻرائجي ويو، تيل سستو ڪري ڇڏيائين. عمران خان کي هاڻي فوري طور تي استعيفي ڏئي ھن قوم جي جان ڇڏڻ گهرجي. اسان عدم اعتماد کيسي ۾ کڻي اسلام آباد ڏانهن وڃي رهيا آهيون. تمام تڪڙو نااهل حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪري عوامي راڄ قائم ڪنداسين. وزيراعظم پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اخلاقي جواز وڃائي چڪو آهي. عمران خان جا سڀ واعدا ڪوڙا نڪتا آهن. ڪالهه سکر سٽي پوائنٽ با پاس تي هزارين جيالن پاران خورشيد شاهه، اسلام الدين شیخ، نعمان اسلام شیخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لانگ مارچ قافلي ۽ چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري جو استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته هو آصف زرداري جو ڇا مقابلو ڪندو؟ آصف زرداري جو ته نالو به نه کڻن. عمران خان کي جمهوري انداز ۾ هٽائڻ جو رستو عدم اعتماد واري رٿ آهي، جيڪا ڪامياب ٿيندي. هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي حقن تي ڌاڙا هنيا آهن. حڪمرانن جي نااهلي سبب ملڪ معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. حڪومت خلاف هر جمهوري رستو اختيار ڪنداسين. وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي ويٺل شخص کي ملڪ جي مٿان زوري مڙهيو ويو آهي. حڪمرانن ڏکي وقت ۾ عوام کي اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي. عمران خان قوم سان ڪوڙ ڳالهائي دوکو ڏنو هاڻي کائنس حساب وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي. مهانگائي سبب هر طبقو پريشان آهي. عوام اهڙي نئين پاڪستان کي قبول نه ڪندو. سکر پ پ پ جو قلعو آهي. هتان جي جيالن ڪڏهن به مايوس ناهي ڪيو. اسان ملڪ اندر عوام جي حق حاڪميت چاهيون ٿا جيڪو هر حال ۾ وٺنداسون. هن چيو ته عوام جي مسئلن جو حل رڳو پيپلز پارٽي وٽ آهي. ملڪ کي هن بدترين معاشي بدحاليءَ ۽ بحران مان رڳو پيپلزپارٽي ئي ڪڍي سگهي ٿي. ملڪ کي مستحڪم ڪرڻ ڄاڻون ٿا. نااهل حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب پاڪستان جا 22 ڪروڙ ماڻهو پريشانين کي منهن ڏين پيا. هن چيو ته جمهوريت جي بالادستي لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. جڏهن ته پيپلزپارٽي جي لانگ مارچ جي سکر پهچڻ تي عوام کي تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. ڪالهه صبح جو ئي انتظاميا پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ روڊ رستا بلاڪ ڪرايا ويا. مختلف مارڪيٽون بند ڪرايون ويون. شھر جي مختلف علائقن ۾ وڏي تعداد ۾ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي هئي. ان کان اڳ پيپلز پارٽي جَي لانگ مارچ جو ٽئين ڏينهن بلاول ڀٽو زرداري جِي اڳواڻي ۾ خيرپور پھتو، جتي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان سليڪٽڊ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون، پي ٽي آءِ سرڪار عوام کي تباھه ڪري ڇڏيو آھي، سليڪٽڊ کي ھر صورت ۾ گھر وڃڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خيرپور جي عوام هميشه پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏنو آهي، خيرپور جي عوام جي وفاداري ۽ بهادري تي سلام پيش ڪريان ٿو. خيرپور جي عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي اڪيلو نه ڇڏيو ۽ نه وري شھيد بينظير ڀٽو کي اڪيلو ڇڏيو، مون کي اميد آهي ته خيرپور جو عوام مون کي به اڪيلو نه ڇڏيندو. ھن چيو ته صدر آصف علي زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪري غريب عورتن کي گھرن تائين پئسا پھچائي غربت جو خاتمو ڪيو. صدر زرداري پگھار دار طبقي کي اڪيلو نه ڇڏيو، پگھار ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪئي. ھن سليڪٽيڊ حڪومت عوام کي لاوارث ڇڏي ڏنو آهي. خان ھڪ ڪروڙ نوڪرين ڪوڙو واعدو ڪيو هو خيرپور جو عوام ٻڌائي ته اوهان کي ڪيتريون نوڪريون مليون. ان موقعي تي سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه، پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو، وقار مھدي، منظور وساڻ، نفيسه شاهه، جاويد علي شاهه، نواب وساڻ، ڊاڪٽر مھرين ڀٽو، ساجد ٻانڀڻ، نعيم کرل، منور وساڻ، علي شير مڪول ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. هوڏانهن مورو باءِ پاس تي عوامي مارچ کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آصف زرداري جي انٽرويو کي روڪيو ويو، هلڻ نه ڏنو ويو، توهان ايڏا ڊڄڻا هئا جو ميڊيا کي ڪنٽرول ڪيو. عمران خان ۾ تنقيد ٻڌڻ جو حوصلو ناهي، پ پ آزاد ميڊيا تي يقين رکي ٿي، عمران خان ڪوڙ جو ماهر ۽ پروپئگنڊا جو بادشاهه آهي. هن چيو ته ڪپتان اٽو، لٽو ۽ اجهو کسي رهيو آهي، اها تبديلي جي نالي تي تباهي آهي، هي نئون ته مهانگو پاڪستان آهي، ملڪ ڏکيائين جو شڪار آهي. سندس چوڻ هو ته ڪپتان اسان جي مارچ کان گهٻرائجي ويو ۽ پيٽرول سستو ڪري ڇڏيو، ڇا اسان کي ان جا ڊراما نظر نٿا اچن، هي ڇا ٿا سمجهن ته پاڪستان جو عوام بي وقوف آهي، هاڻ تماشو نه رڳو تير هلندو. ان موقعي تي هن جيالن جا ٿورا مڃيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close