اسلام آبادبلوچستانپاڪستان

“بلوچستان بابت اجلاسن ۾ نٿو گهرايو وڃي:”يار محمد رند استعيفا ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار ۽ بلوچستان اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي پارلياماني ليڊر يار محمد رند پنهنجي عهديٰ تان استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪابينا ڊويزن جي ويب سائيٽ موجب يار محمد رند بلوچستان ۾ ۾ آبي وسيلن واري وزارت، پاور ۽ پيٽروليم بابت معاملن لاءِ وزيراعظم جو خاص مددگار آهي. ڪالهه هڪ خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي يار محمد رند چيو ته آئون پنهنجي استعيفيٰ 2 ڏينهن اڳ وزيراعظم کي موڪلي چڪو آهيان. هن چيو ته وفاقي وزيرن بلوچستان جي معاملي تي ڪڏهن مون سان ڪو رابطو نه ڪيو. مون کي بلوچستان جي معاملي تي ٿيندڙ ڪنهن اجلاس ۾ گهرائڻ جي زحمت نه ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته مان اڳ به وزيراعظم جي خاطري تي استعيفيٰ واپس ورتي هئي پر هاڻ وري استعيفيٰ جو حتمي فيصلو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button