اسلام آبادپاڪستان

وفاقي وزير سان چوڌري پرويز الاهي جو رابطو/اپوزيشن کي اصل ڏک ايندڙ وارو نه ملڻ جو آهي:فواد چوڌري

اسلام آباد :سڌ سما واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته مخالف ڌر ۽ ميڊيا ۾ انهن جا همنوا پيٽرول ۽ بجلي جون قيمتون گهٽ ٿيڻ تي ڪاوڙيل آهن. ڪالهه هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عالمي منڊي ۾ قيمتن ۾ اضافي جي باوجود پاڪستان ۾ مهانگائي هيٺ وڃي رهي آهي. چوڌري فواد چيو ته اهو اسان جي لاءِ اطمينان جو سبب هجڻ گهرجي نه ڪي پريشاني جو. مخالف ڌر کي اصل ڏک ايندڙ وارو نه ملڻ جو آهي. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ بار جا ٻئي مطالبا هڪ ٻئي سان متضاد آهن. هڪ طرف چئي رهيا آهن ته سوشل ميڊيا ڪمپين هلائيندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪريو، ٻئي طرف چئي رهيا آهن ته قانون ئي نه هجڻ گهرجي. اڳ ۾ طئي ڪري وٺو توهان چاهيو ڇا ٿا؟ ٻئي طرف اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان پاران لاهور جي دوري دوران چوڌري شجاعت حسين جي صحت معلوم ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پيڪا قانون سميت ٻين اهم معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. چوڌري پرويز الاهي اطلاعات واري وفاقي وزير کي پيڪا قانون تي ميڊيا پارٽيز جي خدشن کان آگاهه ڪيو. چوڌري فواد کيس چيو ته پنجاب جو اسپيڪر پيڪا قانون تي ميڊيا ۽ حڪومت جي وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان موثر ريگيوليشن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. حڪومت تنقيد جي آجيان ڪري ٿي پر تنقيد جي آڙ ۾ ڪنهن جي ذات تي حملو ڪرڻ قطعي طور تي صحيح نه آهي. هن چيو ته پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جا ميڊيا ڌرين سان جيڪي به معاملا طئي ٿيندا حڪومت انهن تي عملدرآمد ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button