اسلام آبادپاڪستان

حڪومت ڇوڪرين جي شادي بابت واضح قانونسازي ڪري:اسلام آباد ها ڪورٽ

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومت کي ڇوڪرين جي شادي جي گهٽ کان گهٽ عمر جو تعين ڪرڻ لاءِ قانونسازي جي هدايت ڪري ڇڏي. اربع تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي مددگار بئريسٽر ظفرالله خان مطابق نڪاح جي گهٽ ۾ گهٽ عمر جي حوالي سان قانون اڻ چٽا آهن. حڪم نامي ۾ چيو ويو ته عدالتي مددگار قرآن جي سورت النساء جو حوالو ڏنو جنهن ۾ شادي لاءِ بالغ هجڻ سان گڏ عقلمندي سان فيصلو وٺڻ جي صلاحيت رکڻ به ضروري آهي. حڪم نامي مطابق ڪيترن ئي ٻين اسلامي ملڪن شادي لاءِ گهٽ کان گهٽ عمر جي تعين لاءِ قانونسازي ڪري ڇڏي آهي. چائلڊ مئريج ريسٽرينٽ ايڪٽ تحت 16 سالن کان گهٽ عمر جي ڇوڪري کي نڪاح ۾ ڏيڻ ڏوهه آهي. حڪم نامي مطابق 18 سالن کان وڌيڪ عمر جي ڇوڪري بغير ولي نڪاح ڪري سگهي ٿي، حنفي مڪتب فڪر تحت شادي لاءِ ڇوڪري جي گهٽ کان گهٽ عمر 17 سال آهي. ڊي ايف ملا مطابق شادي لاءِ ڇوڪري جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 15 سال آهي. ان سموري صورتحال ۾ ڇوڪري جو بالغ هجڻ سان گڏ عقلمندي ۽ دانشوري سان پنهنجي حق ۾ فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت هجڻ لازمي آهي. قرآن ۾ ڇوڪرين جي شادي لاءِ گهٽ کان گهٽ عمر جو تعين ناهي ڪيو ويو ته گهٽ کان گهٽ عمر جو تعين ڪرڻ کان به رياست کي روڪيو ناهي ويو. هاءِ ڪورٽ چيو ته حڪومت ان سموري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڇوڪرين جي شادي لاءِ گهٽ کان گهٽ عمر جي تعين لاءِ قانونسازي ڪري. فيصلي چائلڊ ميريج ايڪٽ 1929 ٻارن جي شادي کي ڏوهه قرار ڏنو آهي. سنڌ چائلڊ ميريج ايڪٽ 2013 به 18 سالن کان گهٽ ڄمار جي ڇوڪري کي نابالغ قرار ڏي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button