اسلام آبادپاڪستان

عمران خان ساڍن ٽن سالن ۾ پهريون ڀيرو غريبن کي سهولت ڏني:شيخ رشيد

اسلام آباد : وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد اعتراف ڪيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ساڍن ٽن سالن ۾ پهريون ڀيرو غريبن کي سهولت ڏني آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي جي قيمت گهٽ ڪئي. ساڍن ٽن سالن ۾ پهريون ڀيرو غريب کي عمران خان سهولت ڏني جيڪا وڏي ڳالهه آهي. هاڻي اسان کي اٽو، گيهه ۽ کنڊ تي به رعايت ڏيڻ گهرجي ته جيئن زندگي ۾ سهولت پيدا ٿي سگهي. هن چيو ته عمران خان تمام سٺو ڪم ڪيو، ان جي تعريف ڪرڻ گهرجي. اسان کي پنهنجي ۽ اوهان جي وزيراعظم کي منظم رکڻ جي ضرورت آهي. پ پ جي لانگ مارچ تي شيخ رشيد چيو ته بلاول وارو لانگ مارچ پنهنجو ئي لانگ مارچ آهي، ان جو خير آهي. بلاول کي اسلام آباد اچڻ ڏيو ٺيڪ آهي. شيخ رشيد بلاول ڀٽو جي لانگ مارچ تي شاعراڻو تبصرو ڪيو. شيخ رشيد احمد چيو ته مارچ جي حوالي سان لانگ مارچ کي ڏسنداسين، 23 مارچ تي دفاعي سرگرميون ٿينديون. سول ڊفينس جي ذميوارن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. 8 آڪٽوبر جي زلزلي ۽ اوجهڙي ڪئمپ ۾ پاڻ شامل هيس. هڪ ٻارڙي کي ڪڍيو، 1965 جي جنگ ۾ به سول ڊفينس کي ڏٺو. هن چيو ته سائبر اٽيڪ، ڊرونز ٽيڪنالوجي جو نه ٻڌو هو پر هاڻي دنيا تبديل ٿي چڪي آهي. گهرو وزير چيو ته عمران خان جي قيادت ۾ آزاد ۽ اڻ ڌري پرڏيهي پاليسي هلائي رهيا آهيون. اسان کي نئين دور مطابق سلهاڙجڻو پوندو. يوڪرين ۽ ٻين ملڪن ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي، اهو اسان جي سامهون آهي. هن چيو ته 24 سالن کان پوءِ آسٽريليا جي ٽيم پاڪستان آئي آهي. ان جو اسان جي حڪومت کي ڪريڊٽ وڃي ٿو. هندستان سازش ڪري نيوزيلينڊ جو دورو ناڪام بڻايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button