اسلام آبادپاڪستان

دعا آهي ته نيازي پيٽرول سستو ڪرڻ تي يوٽرن نه وٺي:شهباز شريف

اسلام آباد :پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت آئي ايم ايف ۽ عوام ٻنهي کي دوکو ڏئي رهي آهي. دعا آهي ته عمران نيازي پيٽرول ۽ بجلي جي قيمت ۾ پنهنجي پئڪيج تي ايندڙ ڏينهن ۾ يوٽرن نه وٺي. پنهنجي بيان ۾ شهبازشريف چيو ته آئي ايم ايف کي خوش ڪرڻ لاءِ عوام ۽ عوام کي خوش ڪرڻ لاءِ آئي ايم ايف کي چڪر ڏنو پيو وڃي. ٻڏندڙ سياست بچائڻ لاءِ معاشي، قومي ۽ عوامي مفادن کي قربان ڪيو پيو وڃي. پيٽرول جي قيمت گهٽ ٿي آهي ته مهانگائي گهٽ ڇو ناهي ٿي؟ ڀاڙن ۾ گهٽتائي ڪير ڪرائيندو. هن چيو ته ڪاري ڪمائي ڪندڙن تي ڪرم جڏهن ته ميڊيا ۽ عوام تي ڪارا قانون ۽ ڪاري مهانگائي جو ستم؟ اپوزيشن ليڊر چيو ته پهرين جولاءِ کان سوئي نادرن لاءِ 94 ۽ سوئي سدرن لاءِ 50 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو اضافي جو امڪان حڪومتي پئڪيج جي بوکلاهٽ جو ثبوت آهي. هن چيو ته ايل پي جي جي قيمت ۾ پهريان ئي 27 رپيا في ڪلو واڌ ۽ گهريلو سليندر 319 رپيا مهانگو ٿيڻ غريبن کان رليف کسڻ آهي. هن چيو ته 423 مهينن ۾ پرڏيهي قرض 47 ڏهائي 55 ارب ڊالرز کان وڌي وڃڻ معيشت ۽ معاشي ماهرن کي لوڏي ڇڏيو آهي. هن چيو ته حڪومت هر مهيني ٻاهرين ملڪ کان هڪ ارب ڊالر قرض وٺي رهي آهي. تاريخ ۾ ايترو قرض ڪنهن حڪومت پاڪستانين تي ناهي سٿيو جيترو موجوده حڪومت ٽن سالن ۾ سٿي ڇڏيو آهي. هن چيو ته بئنڪن کي آئل گهرائڻ وارين ڪمپنين کي اين سي کولڻ ۾ لنوائڻ کان ملڪ ۾ تيل جو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. ملڪ ۾ ڊيزل جي بحران جو خدشو ڳڻتي جوڳو آهي، مهانگائي 24 مهينن جي بلند سطح تي پهچي چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button