اسلام آبادپاڪستان

خلع جي صورت ۾ زال کي ڏنل حق مهر 100 سيڪڙو واپس ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي شرعي عدالت خلع جي صورت ۾ زال کي وصول ٿيل حق مهر 100 سيڪڙو واپس ڪرڻ جو فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته خلع جي صورت ۾ زال کي ڪل ادا ٿيل حق مهر جو 25 سيڪڙو واپس ڪرڻ جو قانون غير شرعي آهي. چيف جسٽس نورمحمد مسڪان زئي، جسٽس محمد انور ۽ جسٽس خادم حسين ايم شيخ شنوائي ڪئي. وفاقي شرعي عدالت جو فيصلو چيف جسٽس محمد نور مسڪان زئي لکيو آهي. جڏهن ته وفاقي شرعي عدالت فيصلو شيخ محمد اقبال بنام حڪومت پنجاب ڪيس ۾ ٻڌايو. وفاقي شرعي عدالت پنجاب فئملي ڪورٽ ايڪٽ جا قلم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا. عدالت خلع جي صورت ۾ ڪل ادا ٿيل حق مهر 25 سيڪڙو واپس ڪرڻ جا قلم ڪالعدم قرار ڏنا. جڏهن ته پنجاب فئملي ڪورٽ ايڪٽ جي قلم 10 جي ذيلي قلم 5 ۽ 6 ڪالعدم قرار ڏنا ويا. رپورٽ موجب پنجاب فئملي ڪورٽ ايڪٽ مطابق خلع تي عورت کي ادا ٿيل حق مهر جو 25 سيڪڙو واپس ڪرڻ هوندو هو. ايڪٽ تحت خلع تي مڙس اڻ ادا ٿيل حق مهر جو 50 سيڪڙو زال کي ادا ڪرڻ جو پابند هو. شيخ محمد اقبال پنهنجي وڪيل اسلم خاڪي جي ذريعي پنجاب فئملي ڪورٽ ايڪٽ جي قلمن کي چئلينج ڪيو هو. اسلم خاڪي ايڊووڪيٽ مطابق فيصلي تحت پنجاب ۾ به خلع وٺندڙ عورتن کي 100 سيڪڙو حق مهر واپس ڪرڻو پوندو. 28 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ چيو ويو ته ايڊووڪيٽ پنجاب ٺيڪ معاونت فراهم ناهي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button