پاڪستانسنڌ

بلاول ياد رکي ته ان کي به پنجاب وڃڻو آهي:قريشي

سانگھڙ/سنڌڙي: تحريڪ انصاف جو حقوق سنڌ مارچ نوابشاهه مان مختلف شهرن مان گذرندي سانگهڙ پهتو، مختلف هنڌن تي مارچ جو شاندار استقبال ڪيو ويو. پريس ڪلب اڳيان منعقد جلسي کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته مون کي يا علي زيدي کي ڪجهھ به ٿيو ته ان جي ايف آئي آر بلاول ۽ آصف زرداري تي ڪاٽي ويندي. سنڌ حقوق مارچ تي ڪنڊياري ۾ پيپلزپارٽي جي ڪجهه ڪارڪنن حملو ڪري ڪريل حرڪت ڪئي آھي، بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري کي ٻڌائڻ ٿو چاھيان ته مون کي ۽ علي زيدي کي ڪجهھ به ٿيو ته ان جو ڪيس بلاول ۽ آصف زرداري تي داخل ڪيو ويندو، اسان اهڙين حرڪتن جي ڪري پنھنجا روٽ تبديل ڪيا آھن. بلاول هو ياد رکي ته هن کي به پنجاب وڃڻو آهي، پر اسان ايئن نه ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي مسڪين ماڻهن کي نه تعليم آهي، نه رستن روڊن، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ صحت جي سهولت آهي. سمورا پئسا هڙپ ڪري سڀ سھولتون ختم ڪيون ويون آهن. وفاقي وزير علي زيدي چيو ته ايان علي مني لانڊرنگ ڪندي گرفتار ٿي، پر ان جو ذڪر ڪير نٿو ڪري. ايان علي کي پڪڙيندڙ ڪسٽم آفيسر جي لاش ملي هئي. نوابشاهه ۾ ايس ايڇ او سميت 5 ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو، پر بلاول اتي نه ويو، سنڌ جا ماڻهو ڪيترو برداشت ڪندا، هاڻ وقت بدلجي ويو آهي. هن چيو ته پ پ وارا ڪرونا جا ٽڪا نٿا لڳائي سگهن، اهي رڳو ڪرپشن جا ٽڪا لڳائي سگهن ٿا. ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعلى ۽ وزيراعظم جي خاص معاون ارباب غلام رحيم چيو ته پيپلز پارٽي جي پراڻي روايت رھي آھي ته جڏھن به کين شڪست ڏسڻ ۾ ايندي آھي ته رستا روڪ ڪندا آھن، ھو 13 سالن جو حساب ڏين، اسان هنن کي 3 سالن جو حساب ڏيڻ لاءِ تيار آھيون. جلسي کي حليم عادل شيخ ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سانگهڙ پيرپاڳاري جو قلعو آهي، حر جماعت، غوثيه جماعت ۽ عمران خان گڏجي وڃن ته سانگهڙ ضلعي مان پ پ جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو. ھنن چيو ته پ پ صدرالدين شاهه تي حملو ڪرايو. سنڌ جي ماڻهن جيڪو استقبال ڪيو، ان مان ثابت ٿيو آهي ته سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي مان مايوس ٿي چڪو آهي. ان کان اڳ تحريڪ انصاف جو حقوق مارچ ضلعي جي مختلف شهرن کڏڙو، شاھپور چاڪر، راوتياڻي ۽ ٻين علائقن مان ٿيندو سانگهڙ پھتو، جتي مارچ جي زبردست آجيان ڪئي وئي. هوڏانهن ڪنڊياري ۾ پ پ جي جيالن پاڪستان تحريڪ انصاف جي حقوق سنڌ مارچ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تان ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. جيالن مارچ جي رستا روڪ ڪئي ته تحريڪ انصاف جا ڪارڪن مڇرجي پيا، ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن هڪٻئي خلاف زبردست نعريبازي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button