پاڪستانپنجابسنڌ

عمران جي ُابتي ڳڻپ شروع ٿي وئي،لنڊن ڀڄڻ وارو آهي:بلاول ڀٽو

رحيم يار خان/گهوٽڪي:پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته عمران خان جي ُابتي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي، هو ڪرسي ڇڏڻ کانپوءِ لنڊن ڀڄڻ وارو آهي. عمران خان اسان جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو، کيس برداشت نه ڪنداسين. اسان جي هٿ ۾ بي اعتمادي رِٿ جو جمهوري هٿيار آهي، سليڪٽيڊ کي وڃڻو پوندو. پ پ جو ڪراچي مان نڪتل لانگ مارچ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ وسندين مان ٿيندو صنعتي شهر گهوٽڪي پهچي ويو، جتان لانگ مارچ روان دوران ٿيندي پنجاب جي حدن ۾ رحيم يار خان پهتو. جڏهن ته عوامي جلسن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سڀني صوبن جو عوام هن وقت تڪليف ۾ آهي. هر شخص جي زندگي مشڪل بڻائي وئي آهي، تبديلي جو نعرو تباهي جي صورت ۾ سامهون آيو آهي. هي نئون نه مهانگو پاڪستان آهي. هن چيو ته حڪومت ووٽن سان ٺهي ها ته ان کي احساس به هجي ها، امپائر جي آڱر سان ٺهيل حڪومت ٺهي ته ان کي عوام جي پرواهه ناهي هوندي. تبديلي آڻيندڙ تبديلي جي نالي تي بحران پيدا ڪيو، هٿ ٺوڪيو عوام ڏانهن نه امپائر ڏانهن ڏسندو آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان! حڪومت تي تنقيد ڪرڻ ميڊيا جو ڪم هوندو آهي. اهي ڪير آهن چوڻ وارا ته اسان تي تنقيد نه ڪيو، اسان کي ان سليڪٽڊ ۽ هٿ ٺوڪئي نظام جو خاتمو ڪرڻو آهي. حق وٺڻا نه کسڻا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت تان عوام جو اعتماد کڄي چڪو آهي، بجلي ۽ پيٽرول سستو ڪرڻ ڊرامي بازي آهي. عمران خان جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي، جيالن جو لشڪر اسلام آباد پهچندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو آھي تھ هاڻي پنجاب ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، دما دم مست قلندر ٿيندو. عوام کانپوءِ پارليامينٽ جو به ڪٺ پُتلي حڪمرانن تان اعتماد کڄڻ گهرجي، عوام ساٿ ڏنو ته عمران خان کي شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو. عمران خان ڪنهن کي ناهي ڇڏيو، هر ماڻهو جي زندگي عذاب ڪئي اٿس. عمران خان کان حساب وٺڻ اسلام آباد وڃي رھيا آھيون. جيڪو شخص ڪرسي تي ويٺو آهي، ان جو مستقبل نه آهي. هن چيو ته سليڪٽڊ آصف زرداري کي گرفتار ڪرايو ۽ انهيءِ سليڪٽڊ فريال ٽالپر کي رات جي اونداهي ۾ جيل اماڻيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button