اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا هيلٿ ڪيئر ورڪرز کي سول ايوارڊ ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد :وفاقي حڪومت ڪرونا هيلٿ ڪيئر ورڪرز کي سول ايوارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو. هيلٿ ورڪرز کي 23 مارچ تي سول ايوارڊز سان نوازيو ويندو. ان حوالي سان صحت جي وزارت وارن ذريعن چيو آهي ته ڪرونا هيلٿ ورڪرز کي 23 مارچ تي سول ايوارڊز سان نوازيو ويندو. سول ايوارڊ ڏيڻ سان ڪرونا هيلٿ ورڪرز جا حوصلا وڌندا. صحت واري وزارت ٻڌايو ته صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا هيلٿ ورڪر سول ايوارڊز لاءِ نامزد ٿيندا. ان ڏس ۾ وفاقي حڪومت صوبن کان سول ايوارڊ لاءِ نامزدگيون طلب ڪندي، جنهن کان پوءِ هيلٿ ورڪرز سول ايوارڊ لاءِ نالن کي آخري شڪل ڏني ويندي. صدر جي منظوري تي نامزد هيلٿ ورڪرز کي سول ايوارڊ ڏنا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button