اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي 19 مريض فوت،768 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد :ملڪ ۾ ڪرونا جي پنجين لهر جو زور گهٽجڻ لڳو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران مثبت ڪيسن جي شرح 2 ڏهائي 7 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 19 مريض فوت ٿي ويا، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 30 هزار 237 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪرونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 15 لک 11 هزار 754 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل هڪ ڏينهن دوران 768 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 5 لک 2 هزار 12، سنڌ ۾ 5 لک 68 هزار 928، خيبرپختونخوا ۾ 2 لک 16 هزار 386، بلوچستان ۾ 35 هزار 357، گلگت بلتستان ۾ 11 هزار 531، اسلام اباد ۾ هڪ لک 34 هزار 496، جڏهن ته ازاد ڪشمير ۾ 43 هزار 44 ڪيسز رپورٽ ٿيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button