اسلام آبادپاڪستان

اقتدار ۾ اچي اندازو ٿيو ته حڪومت ڪافي شيون ٺيڪ نٿي ڪري سگهي:عمران

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اقتدار ۾ اچي ڪري اندازو ٿي ويو ته حڪومت ڪيئي شيون ٺيڪ نٿي ڪري سگهي. اخلاقي تربيت جي شروعات بنيادي سطح کان ڪرڻي پوندي. اسان کي پاڻ سڳورن صه جن جي رستي تي هلڻ جي ضرورت آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ رحمت اللعالمين اٿارٽي جي فعاليت بابت تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته حق جو رستو آسان ناهي، حق جو رستو ڏکيائين سان ڀرپور آهي، معاشري جو بنياد اخلاقيات تي هوندو آهي ۽ اسان کي نوجوانن کي پاڪستان جي مقصد بابت ٻڌائڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ رڳو ڪرپشن سبب غريب ٿيندا آهن ۽ اسان ڪرپشن کي قبول ڪري ورتو آهي، تنهن ڪري پنهنجي پاڻ کي تباهه ڪري ڇڏيو پر اولهه ۾ تصور ناهي ته مقصود پٽيوالي جي اڪائونٽ ۾ پوڻا 4 ارب رپيا رکيا وڃن. عمران خان چيو ته سٺي خراب جي تميز ختم ٿي وڃي ۽ برائي کي برائي نه سمجهيو وڃي. محنت نه ڪئي وڃي ته معاشرو ختم ٿي ويندو آهي. هتي چورن کي هار پارايا ويندا آهن، هڪ شخص ڪوڙ ڳالهائي ٻاهر ڀڄي ويو. وڪيل چئي رهيا آهن ته ان تان پابندي ختم ڪيو ۽ کيس هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏيو. صحافي چون ٿا ته کيس تقرير ڪرڻ ڏيو، اهو آهي اسان جو معاشرو؟ هن چيو ته ملڪ ۾ عورتن ۽ ٻارن سان زيادتي جا واقعا وڌي رهيا آهن ۽ سڀني کان افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته شرم وچان اهڙا ڪيترائي واقعا رپورٽ به ناهن ٿيندا. عورتون پوئتي هٽي وينديون آهن. هن وڌيڪ چيو ته 3 مهينن جي محنت کانپوءِ رحمت اللعالمين اٿارٽي فعال ڪئي، اسان دين کان لاتعلق آهيون ۽ اسان جي ٻارن کي دين بابت وڌيڪ ڄاڻ ناهي. جڏهن ته مان اسڪول ۾ هيس ته مون کي ڪنهن به نه ٻڌايو ته مديني جي رياست ڇا آهي ۽ ان جو مقصد ڇا هو. هن چيو ته اسان کي پاڻ سڳورن صه جن جي ٻڌايل رستي تي هلڻ جي ضرورت آهي ۽ منهنجي اندر به اصل تبديلي ان وقت آئي، جڏهن پاڻ پاڻ سڳورن صه جن جي سيرت جو مشاهدو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button