اسلام آبادپاڪستان

ازبڪستان جو صدر پاڪستان پهچي ويو،گارڊ آف آرنر پيش

اسلام آباد:ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. وزيراعظم عمران خان ايئرپورٽ اچڻ تي معزز مهمان جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي مهمان صدر کي گارڊ آف آرنر پڻ پيش ڪيو ويو. معزز مهمان کي ٻارن گلدستو پيش ڪيو ۽ ان کي توپن جي سلامي ڏني وئي. جڏهن ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ريلوي، سيڪيورٽي، ترجيحي واپاري معاهدي، موسمياتي تبديلي سميت 8 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف پڻ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن جي موقعي تي موجود هئا. ان حوالي سان جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي موجب ازبڪستان جي قومي ٽيليويزن ۽ ريڊيو ڪمپني ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي وچ ۾ ٽيليويزن ۽ ريڊيو براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي ۾ تعاون لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي پاڪستان پاران اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جڏهن ته ازبڪستان جي ثقافت واري وزير اوزود بيڪ نيزابيڪوف صحيحون ڪيون. ازبڪستان جي سياحت ۽ اسپورٽس واري وزارت ۽ پاڪستان جي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي وچ ۾ مذهبي زيارتن جي سياحت جي فروغ سميت 8مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان سان ازبڪ صدر ون ٽو ون ملاقات ڪئي، ان دوران افغانستان کي تسليم ڪرائڻ لا مهم هلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. عمران خان چيو آهي ته افغانستان جا اثاثا منجمد ٿيڻ سان ڏکيائين ۾ اضافو ٿيو آهي. لابنگ لا اسان مهم هلائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button