اسلام آباد :انساني حقن بابت وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌي ايمان زينب مزاري خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان سان گڏوگڏ قومي اسيمبلي جي ميمبر محسن داوڙ سميت ٻين ڪارڪنن خلاف به احتجاج ۾ شامل سوين شاگردن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. بلوچ شاگردن اسلام آباد ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪيو هو، جنهن ۾ ايمان مزاري ۽ ٻيا شريڪ ٿيا هئا، ان دوران پوليس مٿن لاٺي چارج پڻ ڪئي هئي. ڪوهسار ٿاڻي تي ڪيس رياست مخالف نعرن هڻڻ تي داخل ڪيو ويو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close