اسلام آبادپاڪستان

پيڪا آرڊيننس خلاف صحافتي تنظيمن جي درخواست تي اٽارني جنرل کي نوٽيس

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيڪا ترميمي آرڊيننس خلاف صحافتي تنظيمن جي درخواست کي ٻين درخواستن سان گڏ ڪري شنوائي جي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله پيڪا ترميمي آرڊيننس جي خلاف درخواست تي شنوائي ڪئي. ان دوران عدالت پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي ۽ ايمينڊ جي درخواست تي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. صحافتي تنظيمن جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آرڊيننس جعلي خبرون روڪڻ جي آڙ ۾ عوامي شخصيتن جي ڪم تي بحث کان روڪيندو. جڏهن ته آرڊيننس اکين ۾ مٽي وجهڻ جهڙو قانون آهي، جيڪو ڪالعدم قرار ڏيڻ جوڳو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آرڊيننس جاري ڪرڻ لاءِ صدر عارف علوي وٽ مناسب جواز هجڻ ضروري آهي. آرڊيننس جو سيڪشن 2 ۽ 3 ڄاڻ جي حق کي گهٽ ڪري ٿو. جڏهن ته اهو آئين جي آرٽيڪل 19 ۽ 19 اي جي ذريعي ڏنل بنيادي حقن جي به خلاف آهي. ان دوران جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته اوهان پيڪا جي سيڪشن 20 کي چئلينج ئي ناهي ڪيو؟ اوهان کي ان تي ڪوبه اعتراض ناهي؟ ٻين درخواست داخل ڪندڙن ته هتڪ عزت کي ڪريمنلائز ڪرڻ کي به چئلينج ڪيو آهي. چيف جسٽس جي پڇاڻي تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اسان سموري پيڪا ترميمي آرڊيننس کي چئلينج ڪيو آهي. ان کان پوءِ عدالت پي بي اي جي درخواست به ٻين پٽيشنرز سان گڏ ڪري شنوائي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button