پاڪستانسنڌ

سي پي اين اي پيڪا آرڊيننس سميت هر ڪاري قانون کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي: ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي انتظام هيٺ پاڪستان ۾ ميڊيا جي آزادي ۽ درپيش چيلينجن جي موضوع تي ڪوٺايل “ميڊيا فريڊم رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس” ۾ شرڪت ڪندڙن پيڪا آرڊيننس سميت هر ڪاري قانون کي گڏيل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي، ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته اهو پهريون ڀيرو ناهي جنهن ۾ حڪومت صحافت جي آزادي، اظهار را جي آزادي ۽ معلومات تي رسائي تائين جي حقن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي هجي. هنن چيو ته ميڊيا جي تنظيمن متحد ٿي سمورين سازشن کي ناڪام بڻايو آهي.

اظهار جي آزادي خلاف هر سازش کي ناڪام بڻائڻ لا صحافي برادري، انساني حقن جون تنظيمون، سول سوسائٽي ۽ وڪيل برادري انتهائي قدم کڻڻ ۽ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لا تيار آهن. سي پي اين اي طرفان ميڊيا فريڊم رپورٽ 2021ع جي رونمائي جي تقريب ۾ صحافي تنظيمن، وڪيلن، انساني حقن جي تنظيمن سميت سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ سي پي اين اي کي ميڊيا فريڊم رپورٽ جاري ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي، جڏهن ته رپورٽ جي ڳڻتي جوڳي حقيقتن تي ڳالهائيندي صحافين جي اغوا ۽ قتل جي واقعن جي مذمت ڪئي وئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي دانشور نورالهدى شاهه چيو ته هڪ منصوبي تحت ميڊي جي زبان بندي ۽ مرضي جي ايجنڊا مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سوشل ميڊيا ڪيترن ئي بي زبانن کي زبان ڏني آهي، ان ڪري سوشل ميڊيا تي وڌيڪ پابنديون هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ايمينڊ جي صدر اظهر عباس چيو ته ميڊيا تنظيمن جي اتحاد ۽ سي پي اين اي، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي تڪڙن قدمن سبب حڪومت پي ايم ڊي اي ۽ پيڪا قانون کان پٺتي هٽڻ تي مجبور ٿي وئي آهي. هن ميڊيا ادارن تي به زور ڏنو ته خبر جي درستگي جو خيال رکيو وڃي. حڪومت کي گهرجي ته ڊيفيميشن قانون کي مضبوط ڪري. هن وڌيڪ چيو ته چونڊن کان اڳ ميڊيا مخالف قدم حڪومتي ارادن جي ترجماني ڪري رهيا آهن، سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز کي روڪڻ لا ميڊيا اسٽيڪ هولڊرن ۽ ٽيڪنالوجي جي ماهرين جي تعاون سان قانون سازي جي ضرورت آهي، ان کانسوا جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي ۽ ميڊيا ادارن کي نون ايندڙ صحافين جي تربيت ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي چيو ته ميڊيا تنظيمن متحد ٿي سمورين سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن ائين ئي متحد ٿياسين ته ڪابه طاقت اظهار جي آزادي کي بند ڪرڻ جي جرئت به نٿي ڪري سگهي. انساني حقن جي تنظيم هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي وائيس چيئرمين قاضي خضر چيو ته ايڇ آر سي پي آزاد صحافت ۽ اظهار جي آزادي تي يقين رکي ٿي، جيئن ميڊيا هر مشڪل ۾ ايڇ آر سي پي جي حمايت ڪئي آهي، اهڙي طرح ايڇ ار سي پي حڪومت خلاف ميڊيا جي آزادي لا ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي ۽ پيڪا جهڙي غيرآئيني انساني حقن خلاف قانون کي رد ڪري ٿي. سنڌ ها ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر شهاب سرڪي طرفان پيڪا قانون ڪيل ترميمن کي آرٽيڪل 19 ۽ 19 اي جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. هن چيو ته ذاتي مفادن خاطر ڪيل قانونسازي يا ترميم عدل ۽ انصاف خلاف آهي، قانونسازي ڪرڻ وقت انهي ڳالهه کي ذهن ۾ رکڻ ضروري هوندو آهي ته معلومات جي رسائي، اظهار را جي آزاي ۽ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي نه ٿئي. سي پي اين اي جي سيڪريٽري جنرل عامر محمود ڪانفرنس جي گڏيل قرارداد ۾ چيو آهي ته پيڪا آرڊيننس کي رد ڪريون ٿا ۽ حق آزادي لا آخري حد تائين مقابلو ڪنداسين 7 ميڊيا جي آزادي ۽ عوام جي ڄاڻڻ واري حق کي سلب ڪرڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻائينداسين. مشهور اينڪر طارق محمود جو چوڻ هو ته حڪومت ڪڏهن ميڊيا ملازمن ۽ مالڪن ۾ انتشار ڦهلائي ته ڪڏهن وري ميڊيا تتنظيمن تحت ميڊيا ريگيوليشن ذريعي هٿڪنڊن جو استعمال ڪري ميڊيا کي دٻائڻ لا ڪوشان آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان ميڊيا ريگيوليشن جي حق ۾ آهيون، اسان ميڊيا تي حقيقن تي ٻڌل غيرجانبداري سان گڏ خبرون پيش ڪرڻ چاهيون ٿا پر اسان ڪڏهن به اهو نه چونداسين، لکنداسين يا ڏيلکارينداسين جيڪو حڪومت ذاتي مفاد پورو ڪرڻ لا صحافين ۽ ميڊيا ادارن کان چاهي ٿي. اسان تي 22 ڪروڙ عوام جي ذميواري آهي جنهن جو آواز ايوانن ۾ ويٺل حڪمرانن تائين پهچائينداسين. اسان هر پليٽ فارم تي پيڪا سميت سمورن ڪارن قانونن خلاف جدوجهد ڪندا رهنداسين. آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جي صدر احمد شهه چيو ته حڪومت حقيقي مسئلن تان توجهه هٽائڻ لا غيرمنطقي قدم کڻندي آهي ته جيئن عوام تائين سچ پهچي نه سگهي، انهي قانونسازي ذريعي جتي ميڊيا ۽ صحافي متاثر ٿي رهيا آهن اتي فن ۽ ادب سان تعلق رکندڙ به نشاني تي آهن. پاڪستان پريس فائونڊيشن جي چيئرمين اويس اسلم علي جو چوڻ هو ته سياسي جماعتن جي ميڊيا سيلز تان ئي جمهوريت جي بقا لا ڊس انفارميشن نشر ٿيل سوچيل سمجهيل ۽ منظم خبرون ئي نقصان واريون آهن، جنهن لا اخلاقي گائيڊلائن ٺاهڻ ۽ ان تي عمل ڪرائڻ وقت جي اشد ضرورت آهي.

مشهور اينڪر ناجيه اشر جو چوڻ هو ته ٽيڪنالاجي جي ماهرن جي سهڪار سان ڊجيٽل ونگ ٺاهڻ جي ضرورت آهي جيڪو سائبر قانون جي حوالي سان ڪم ڪري، اسان کي ميڊيا ڊولپمنٽ جي ادارن جي سپورٽ ڪرڻ گهرجي ته جيئن صحافين جي تربيت ڪري سگهجي. هن خدشو ظاهر ڪيو ته عورت صحافين کي سوشل ميڊيا تي جهڙي طرح هراسان ۽ ٽرول ڪيو پيو وڃي، ممڪن آهي ته مستقبل ۾ عورتن جي نمائندگي وڌيڪ گهٽجي ويندي. مشهور صحافي ۽ اينڪرپرسن فيصل عزيز چيو ته اڄ سوشل ميڊيا تي هر ٻيو ماڻهو پاڻ کي صحافي سڏرائي رهيو آهي، جنهن جي ڪري حقيقي صحافين ۽ انهن جي بقا کي شديد خطرا درپيش آهن. سوشل ميڊيا تي جنهن تيزي سان خبر ڦهلجي رهي آهي، انهي ۾ خبر جي تصديق ڪرڻ ۾ مشڪل ٿي ويندي آهي، اسان کي انهي سلسلي ۾ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ايف آئي اي جي سائبر سيل تحت ٺهندڙ قانون ۾ ٻين اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت ضروري اهي. ڪانفرنس کي ممتاز صحافي ۽ اينڪرپرسن مسعود رضا، پي ايف يو جي جي صدر جي ايم جمالي ۽ جنرل سيڪريٽري فهيم صديقي، حسن عباس، ڊاڪٽر توصيف احمد خان، اسلم خان به خطاب ڪندي پيڪا سميت ٻين سمورن ڪارن قانونن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪري ان کي رد ڪري ڇڏيو. ڪانفرنس ۾ سي پي اين اي جي سنڌ ڪميٽي جي چيئرمين غلام نبي چانڊيو، اڳوڻي سيڪريٽري جنرل اعجاز الحق، فنانس سيڪريٽري حامد حسين عابدي، نائب صدر انور ساجدي، سينيئر ميمبرن ڊاڪٽر جبار خٽڪ، مقصود يوسفي، سعيد خاور، عبدالخالق علي، عارف بلوچ، طاهر نجمي، عبدالسميع، اياز علي ميمڻ، بلقيس جهان، صحبت علي ٻرڙو، مدثر عالم، محمد طاهر، منزه سهام، مظفر اعجاز، سجاد عباسي، شير محمد کهاوڙ، محمود عالم خالد ۽ عبدالخالق زدران سميت صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button