پاڪستانخيبرپختونخوا

پشاور ۾ جمعي نماز دوران مسجد اندر آپگهاتي ڌماڪو، 57 ڄڻا شهيد

پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پشاور جي علائقي قصا خواني بازار جي جامع مسجد ۾ جمعي جي نماز دوران آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 57 ڄڻا شهيد ٿي ويا. پوليس موجب ڌماڪو قصا خواني بازار ۾ ڪوچا رسالدار جي جامع مسجد ۾ ٿيو، آپگهاتي حملو ڪندڙ مسجد ۾ گهڙي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. آپگهاتي بمبار مسجد ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ پوليس اهلڪارن ۽ ٻين نمازين تي فائرنگ به ڪئي.

اکين ڏٺن شاهدن موجب حملو ڪندڙ پاڻ کي منبر سامهون اڏايو ۽ ڌماڪي کانپوءِ مسجد جي هال ۾ هر پاسي انساني عضوا پکڙجي ويا. مارجي ويلن جا مڙهه ۽ زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال نيو ويو، اسپتال جي ترجمان موجب ڌماڪي ۾ 57 ڄڻا شهيد ٿيا ۽ 194 زخمي اسپتال آندا ويا آهن. سندس چوڻ هو ته زخمين کي طبي سهولتون ڏنيون ويون آهن ۽ دوائن، طبي عملي ۽ رت جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي.

اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڪارو لباس پاتل آپگهاتي بمبار اڳ ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن تي 5 کان 6 فائر ڪيا ۽ پوءِ تيزي سان مسجد اندر داخل ٿيو ۽ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيائين. سي سي پي او محمد اعجاز خان ٻڌايو ته شروعاتي اطلاعن مطابق قصا خواني بازار جي ڪوچا رسالدار ۾ شيعا جامع مسجد ۾ 2 حملو ڪندڙن گهڙڻ جي ڪوشش دوران ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي. عهديدار مطابق پوليس ٽيم تي حملي کانپو جامع مسجد ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ زخمي پڻ ٿي پيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button