اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

يوٽيليٽي اسٽورز تي 8 ارب 28 ڪروڙ رپين جي رمضان پيڪيج جي تجويز

اسلام آباد : حڪومت رمضان ۾ يوٽيليٽي اسٽورز تي 8 ارب 28 ڪروڙ رپين جي وڏي رمضان پيڪيج ڏيڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب حڪومت يوٽيليٽي اسٽورز تي وڏو رمضان پيڪيج ڏيڻ جي تياري شروع ڪري ڏني آهي، جنهن جي تحت 19 عام واهپي وارين شين تي سبسڊي ڏني ويندي. ذريعن موجب گذريل سال يوٽيليٽي اسٽورز تي 7 ارب 84 ڪروڙ 26 لک روپين جو رمضان پيڪيج ڏنو ويو هو، پر هن سال مهانگائي کي ڏسندي 8 ارب 28 ڪروڙ رپين جو پيڪيج ڏيڻ جي تجويز آهي. يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ذريعن موجب رمضان ريليف پيڪيج جي تحت سڀني کان وڌيڪ سبسڊي گيهه لاءِ رکڻ جي تجويز آهي. گيهه لاءِ 4 ارب 5 ڪروڙ روپين جي سبسڊي تجويز آهي. اٽي تي 2 ارب 53 ڪروڙ 40 لک ۽ کنڊ تي 75 ڪروڙ رپين جي سبسڊي تجويز آهي. ذريعن موجب بامستي چانورن تي اڍائي ڪروڙ رپيا، سيلا چاور هڪ ڪروڙ ۽ ٽوٽا چانورن تي 3 ڪروڙ 60 لک رپين جي سبسڊي تجويز آهي. چڻن جي دال 3 ڪروڙ، مسور جي دال 3 ڪروڙ، اڇن چڻن تي 5 ڪروڙ رپين جي سبسڊي تجويز آهي. رمضان پيڪيج جي تحت ٻين شين تي 76 ڪروڙ 50 لک رپين جي سبسڊي تجويز آهي. يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته يوٽيليٽي اسٽورز طرفان 1500 کان وڌيڪ مختلف برانڊڊ شين تي به شهرين کي رليف ڏنو ويندو ۽ ان ريليف جي لاءِ يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن مختلف برانڊز سان رابطو ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button